بينچ ۽ بار جو تعاون مؤثر انصاف جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته مؤثر ۽ تيز رفتار انصاف جي فراهميءَ لاءِ بينچ ۽ بار وچ ۾ مسلسل تعاون ۽ تعميري رابطو ضروري آهي، بار انصاف واري نظام جو هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر آهي. چيف جسٽس يحيٰ خان آفريديءَ سان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز ملتان، خانيوال، بهاولپور ۽ سرگوڌا، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز بنون ۽ بهاولپور …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته مؤثر ۽ تيز رفتار انصاف جي فراهميءَ لاءِ بينچ ۽ بار وچ ۾ مسلسل تعاون ۽ تعميري رابطو ضروري آهي، بار انصاف واري نظام جو هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر آهي. چيف جسٽس يحيٰ خان آفريديءَ سان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز ملتان، خانيوال، بهاولپور ۽ سرگوڌا، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز بنون ۽ بهاولپور جي وفدن سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بار وفدن بار جي سهولتن، عدالتي انفراسٽرڪچر، ڊجيٽل رابطي ۽ وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت بابت مسئلن کان چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو. وفدن عدالتن ۾ پاڻي جي صاف پاڻي، عدالتي ڪامپليڪسز جي سولرائزيشن، عورتن جون سهولت مرڪز، بار رومز، وڻڪاري، انٽرنيٽ ڪنيڪٽويٽي، وڊيو لنڪ ۽ اِي فائلنگ سهولتن جي فراهمي جا معاملا اُٿاريا. ملاقات ۾ اِي لائبريرين جي قيام ۽ وڪيلن لاءِ تربيتي موقعا فراهم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف جسٽس جاري عدالتي سڌارن تي ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ قومي جوڊيشل پاليسي ساز ڪميٽي انصاف تائين رسائي بهتر بڻائڻ ۽ عدالتي خدمتن جي ڪارڪردگي ۽ معيار ۾ بهتريءَ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن ايڪسيس ٽو جسٽس ڊولپمينت فنڊ ذريعي بنا رڪاوٽ بجلي، عورتن لاءِ سهولتن، اِي لائبريرين ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي تي خصوصي طور زور ڀريو. چيف جسٽس ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ سهولتن جي دائري ڪار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي لاڳاپيل آفيسرن کي بار وفدن جي طرفان اُٿاريل مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطا ڪاري جي هدايت ڪئي. هن وڻڪاري مهم لاءِ ٻيلي کاتي سان رابطو برقرار رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي. چيف جسٽس بار نمائندن کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلن جو غور سان جائزو ورتي مربوط اداره جاتي ڪوششن ذريعي حل ڪڍيو ويندو.

مزید خبریں