بي آءِ  ايس پي جو ڊجيٽل ادائيگين جو نظام متعارف، 90 سيڪڙو حقدار عورتن جا والٽ اڪائونٽس کولي ڇڏيا: سينيٽر روبينه خالد

لاهور- 24 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن  سينيٽر روبينه خالد لاهور ۾ بي آءِ  ايس پي جي سينٽرل زونل آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پنجاب نصير الدين سرور کيس بي آءِ  ايس پي جي آپريشنل معاملن، ادائيگين ۽ جاري سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز …

لاهور- 24 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن  سينيٽر روبينه خالد لاهور ۾ بي آءِ  ايس پي جي سينٽرل زونل آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پنجاب نصير الدين سرور کيس بي آءِ  ايس پي جي آپريشنل معاملن، ادائيگين ۽ جاري سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي  بي آءِ  ايس پي، عورت بينيفشريز کي رقم جي ادائيگي شفاف، آسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ادائيگين جو نظام متعارف ڪرايو آهي. هن ٻڌايو ته 90 سيڪڙو عورت بينيفشريز جون ڊجيٽل والٽ اڪائونٽس کولي چڪا آهيون. هن چيو ته انٽر آپريبلٽي ذريعي حقدار عورتون سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به جاءِ، ڪنهن به وقت، مجاز بئنڪ جي ڪنهن به ايجنٽ کان پنهنجي رقم وصول ڪري سگهنديون. اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ٿيڻ تي بينيفشريز کي ميسج ذريعي ادائيگي جي اطلاع ۽ رقم جي تفصيل موصول ٿيندي. عورتون پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ رجسٽرڊ موبائل نمبر ٻڌائي مجاز ايجنٽ کان رقم وصول ڪري سگهنديون. سينيٽر روبينه خالد واضح ڪيو ته بي آءِ  ايس پي جو عملو پاڻ فراهم ڪيل سمز تي ڊجيٽل والٽس فعال ڪندو ۽ سم حاصل ڪرڻ يا بي آءِ  ايس پي جي ڪنهن به اسڪيم لاءِ ڪا فيس نه آهي. ڊجيٽل والٽ ايڪٽيويشن مڪمل طور تي مفت آهي، جڏهن ته رقم ڪڍرائڻ جي سروس چارجز 280 رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. حقدار عورتن جي امدادي رقم ڊجيٽل والٽ ۾ محفوظ رهندي، ان لاءِ کين فوري طور تي ڪڍرائڻ ضروري ناهي.

مزید خبریں