پاڪستان ۽ روس وچ ۾ عالمي مال برداري بابت معاهدي تحت پاڪستان- روس پائليٽ ڪنٽينر فريٽ ٽرين شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو: ريلوي واري وزارت

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ عالمي مال برداري بابت معاهدي تحت پاڪستان- روس پائليٽ ڪنٽينر فريٽ ٽرين شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ کي ريلوي واري وزارت پاران ٻُڌايو ويو ته پاڪستان حڪومت ريلوي جي شعبي ۾ علائقائي رابطا وڌائڻ، عالمي واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلوي ۾ جدت کي هٿي …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ عالمي مال برداري بابت معاهدي تحت پاڪستان- روس پائليٽ ڪنٽينر فريٽ ٽرين شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ کي ريلوي واري وزارت پاران ٻُڌايو ويو ته پاڪستان حڪومت ريلوي جي شعبي ۾ علائقائي رابطا وڌائڻ، عالمي واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلوي ۾ جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ روسي فيڊريشن سان ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان ريلوي عالمي مال برداري ۽ ملٽي موڊل لاجسٽڪس سروسز ۾ تعاون جو فريم ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ روسي ريلويز لاجسٽڪس سان مال برداري بابت معاهدو ڪيو آهي. انهن قدمن جي هڪ حصي طور تي پاڪستان ريلوي ۽ روسي ريلويز لاجسٽڪس پاڪستان- روس پائليٽ ڪنٽينر فريٽ ٽرين شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته علائقائي تڪرارن سبب طئي ٿيل شيڊول موجب فريٽ ٽرين جي شروعات نه ٿي سگهي. پاڪستان ريلوي ۽ روسي ريلوي لاجسٽڪس ٻئي ان منصوبي لاءِ پُرعزم آهن ۽ علائقائي صورتحال سازگار ٿيندي ئي پائليٽ ٽرين شروع ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ تعاون جاري رکندا جنهن جي نتيجي طور پاڪستان روس ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ريلوي تي ٻَڌل واپار ۽ علائقائي رابطن ۾ واڌ ملٽي موڊل لاجسٽڪس قدمن ذريعي پائيدار ۽ گهٽ لاڳت سان مال برداريءَ کي هٿي ڏيڻ، ريلوي ذريعي مال برداريءَ ۾ فني مهارت ۽ بهتر طريقيڪار جي مٽاسٽا ۾ سهولت ۽ عالمي مال برداري جي خدمتن ۾ بهتري آڻڻ شامل آهي.

مزید خبریں