ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪمزور گهميل هوائون ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. (اڄ) اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪمزور گهميل هوائون ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. (اڄ) اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي. بعد ۾ ٻنپهرن جو اترئين علائقن ۾ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته اتر اوڀر بلوچستان، گلگت، لاڙڪاڻو ۽ دير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت، دالبندين 42، نوڪنڊي ۽ بهاولنگر ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں