اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي انقلاب جي لاءِ عملي قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت آبادگارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، زيتون جي پوکيءَ سان ملڪ کي کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي ٿو، پاڪستان جي 100 زرعي گريجوئيٽس کي زيتون جي پوکيءَ، پروسيسنگ، مارڪيٽنگ ۽ ويليو چين جي مختلف شعبن ۾ …
حڪومت آبادگارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، زيتون جي پوکيءَ سان ملڪ کي کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو “پاڪستان نيشنل اوليو ويليو چين پاليسي” جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي انقلاب جي لاءِ عملي قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت آبادگارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، زيتون جي پوکيءَ سان ملڪ کي کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي ٿو، پاڪستان جي 100 زرعي گريجوئيٽس کي زيتون جي پوکيءَ، پروسيسنگ، مارڪيٽنگ ۽ ويليو چين جي مختلف شعبن ۾ جديد تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اٽلي موڪلينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن هتي “پاڪستان نيشنل اوليو ويليو چين پاليسي” جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن، غيرملڪي سفارتڪارن کانسواءِ زيتون جي پوکيءَ ۽ ان شعبي سان واڳيل آبادگارن، ماهرن ۽ محققن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته خوشي آهي ته هو پاڪستان جي زيتون جي ناليوارن آبادگارن، محققن ۽ برآمد ڪندڙن کي مخاطب آهي. هن چيو ته آبادگارن ۽ ماهرن جي ڏينهن رات جي محنت سان زيتون جي شعبي ۾ شاندار مثال قائم ٿيو آهي. هن لورالائي مان عبدالحبار، مردان مان قرته العين ۽ چڪوال مان يعقوب اظهار جي محنت کي خاص طور تي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته هو زيتون جي پوکيءَ جي فروغ جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي تعاون تي ٿورائتو آهي. وزيراعظم زيتون جي پوکيءَ کي فروغ ڏيندڙ آبادگارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته آبادگارن ثابت ڪيو ته عزم، محنت ۽ جديد سوچ جي ذريعي وڏا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته زرعي انقلاب جي لاءِ آبادگارن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪنديون، ملڪ ۾ زرعي انقلاب جي لاءِ عملي قدم کڻڻ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر سال اٽڪل 4 ارب ڊالر جو کاڄرو تيل برآمد ڪري ٿو، درآمدي بل ۾ ساليانو رڳو 400 ملين ڊالر جي پڻ گهٽتائي آندي وڃي ته اها وڏي خدمت هوندي. هن درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ پام آئل ۽ سورج مکيءَ جي پوکيءَ کي فروغ ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپاري لاڳاڳا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، زراعت، ٽريڪٽر مينوفيڪچرنگ ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جو تعاون ذڪر جوڳو آهي. پاڪستان ۽ اٽلي زيتون جي پيداوار، ويليو اييڊيشن، جديد پروسيسنگ ۽ برآمدات جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائيندا. وزيراعظم 100 نوجوان زرعي گريجوئيٽس کي اٽلي موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهي نوجوان زيتون جي پوکيءَ، پروسيسنگ، مارڪيٽنگ ۽ ويليو چين جي مختلف شعبن ۾ جديد تربيت حاصل ڪندا. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف زيتون جي آبادگارن، ان شعبي جي محققن ۽ ماهرن ۾ شيلڊز ورهايون. هن مختلف اسٽالز جو دورو پڻ ڪيو ۽ زيتون جي مختلف مصنوعات ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. هن زيتون جي آبادگارن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. سڄي ملڪ مان زيتون پيدا ڪندڙ انٽر پرينيورز وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجا تجربا ٻڌايا. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آبادگارن کي اعلى معيار ۽ بيمارين کان پاڪ ٻج فراهم ڪنداسين، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان فصل جي امڪاني نقصانن جي وقت سر نشاندهي ۽ تدارڪ ممڪن ٿيندو. هن چيو ته زيتون رڳو هڪ فصل نه آهي ان ۾ ڪاروباري موقعا پيدا ڪندڙ مڪمل ويليو چين آهي. هن پاڪستان جي انٽرنيشنل اوليو ڪائونسل جي مستقل ميمبر بڻجڻ کي هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته جديد تحقيق، ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ عالمي معيار جي سرٽيفڪيشن سان فائدو کڻنداسين، زيتون جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ اٽلي جو تعاون گڏيل منصوبن تائين وڌايو ويندو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري عامر علي احمد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نيشنل اوليو ويليو چين پاليسي جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، پاڪستان جلد ڏکڻ، اوڀر ۽ وچ ايشيا جي منڊين ۾ زيتون جو تيل برآمد ڪندو. هن چيو ته اسان کي روايتي زرعي نظام کان اڳتي وڌي فيصلا ڪرڻا پوندا، زيتون جي پيداوار، پراسيسنگ، ويليو ايڊيشن، معيار، برانڊنگ ۽ مارڪيٽنگ جي نظام تي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل اوليو ڪائونسل جو باقاعده ميمبر بڻجي چڪو آهي. پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اوگو چيار تلاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اٽلي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري جي ڊگهي ۽ قدر جوڳي تاريخ آهي، زراعت، سائنس، تعليم، واپار ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان نيشنل اوليو ويليو چين پاليسي هڪ ڊگهي سفر جو نتيجو آهي، 2016ع ۾ پاڪستان ۾ زيتون جي وڻن جو انگ 5 لک هو، اڄ سڄي پاڪستان ۾ 70 لک کان وڌيڪ زيتون جا ٻوٽا پوکيا پيا وڃن. هن چيو ته زيتون جي ويليو چين سان واڳيل 700 کان وڌيڪ ڌرين کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي، اوليو ڪلچر پراجيڪٽ جي ڪري پاڪستان جي زيتون جي شعبي کي مختلف سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. زراعت ۽ غذائي تحفظ واري ڪوآرڊينيٽر احمد عمير چيو ته سڄي ملڪ ۾ آبادگار زيتون جي پوکيءَ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ لورالائي بلوچستان مان زيتون جي آبادگار عبدالحبار ٻڌايو ته زيتون جي پوکيءَ وڌائي ملڪي قرض لاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. مردان مان زيتون جي آبادگار قرته العين عرفان چيو ته 15 سالن کانپوءِ زيتون جي پيداوار حاصل ٿي، خواهش آهي ته زيتون جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي، پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿئي. چڪوال مان زيتون جي آبادگار يعقوب اظهار چيو ته منهنجي خاندان ۾ واحد آئون زميندار آهيان، لنڊن ۾ هڪ نمائش ۾ شرڪت کانپوءِ چڪوال ۾ زيتون جي پوکيءَ جو فيصلو ڪيو.











