اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا، مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هو رطاج گروپ ۽ تميم هولڊنگز جي چيئرمين شيخ نائف بن عيد آل ثاني سان ڳالهائي رهيو هو جنهن سومر ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رطاج گروپ ۽ تميم هولڊنگز جي چيئرمين شيخ نائف بن عيد آل ثاني جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا، مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هو رطاج گروپ ۽ تميم هولڊنگز جي چيئرمين شيخ نائف بن عيد آل ثاني سان ڳالهائي رهيو هو جنهن سومر ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جو صلاحڪار هارون اختر، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعلى عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم قطري وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا، مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم قطر جي امير جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پنهنجي تازي قطر جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. قطري وفد پاڪستان پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.











