سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ جو جائزو ورتو ويو، شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اهل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي انهن جي سينيارٽي موجب سختي سان غور هيٺ آندو وڃي ۽ ان عمل ۾ غيرضروري دير نه ڪئي وڃي. ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر سيد …

اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اهل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي انهن جي سينيارٽي موجب سختي سان غور هيٺ آندو وڃي ۽ ان عمل ۾ غيرضروري دير نه ڪئي وڃي. ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر سيد وقار مهدي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته صحافين جي التوا هيٺ معاملن جي حل لاءِ ضروري سمري وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وڃي، هن اي پي پي جي ملازمن بابت معاملي تي غور جي لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ اي پي پي جي نمائندن کي پڻ گهرائڻ جي هدايت ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري پڌرائي موجب ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ سينيٽر سيد وقار مهدي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽرن جان محمد ۽ عبدالشڪور شرڪت ڪئي. پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي)، نيشنل پريس ڪلب، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) ۽ ميڊيا ورڪرز جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿا ۽ ذيلي ڪميٽي آڏو پنهنجا خدشا پيش ڪيا. ذيلي ڪميٽي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ صحافين ۽ ميڊيا سان واڳيل ماڻهن کي رهائشي پلاٽن جي الاٽمينٽ جي لاءِ اختيار ڪيل قاعدن، اهليت جي معيار ۽ طريقيڪار جو جائزو ورتو. اجلاس جي شروع ۾ ڪنوينر ذيلي ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ ان جو پهريون اجلاس منعقد ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي (ايف جي اي ايڇ اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي ٻڌايو ته مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس جاري ٿيڻ ۾ دير جي ڪري لاڳاپيل ادارن جي لاءِ معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ متاثر ٿيو. ايف جي اي ايڇ اي جي ڊي جي ذيلي ڪميٽي کي ايف جي اي ايڇ اي جي اسڪيمن تحت پلاٽن جي الاٽمينٽ پاليسي بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته فيز ون ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ 2 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي جڏهن ته فيز ٽو ۾ صحافين جي لاءِ هڪ سيڪڙو ڪوٽا مخصوص آهي. هن ٻڌايو ته فيز ون تحت پلاٽن جي الاٽمينٽ اڳ ۾ ئي ڪئي وئي آهي. ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 سالا پيشيواراڻو تجربو ۽ اسلام آباد يا راولپنڊي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ ضروري آهي. لاڳاپيل اخبار جو گذريل ٽن سالن کان سينٽرل ميڊيا لسٽ تي موجود هجڻ پڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جي گهرواريءَ کي ان کان اڳ اسلام آباد يا راولپنڊي ۾ پلاٽ الاٽ نه ٿيل هجڻ گهرجي. ڊي جي ايف جي اي ايڇ اي موجب اهل درخواستگذارن جي فهرست ايف جي اي ايڇ اي فراهم ڪئي آهي ۽ پلاٽن جي الاٽمينٽ سينيارٽي جي بنياد تي ڪئي ويندي. فيز ٽو تحت مختلف ڪيٽيگريز جا مجموعي طور تي 85 پلاٽ دستياب آهن. ڪنوينر سينيٽر سيد وقار مهدي هدايت ڪئي ته سمورن اهل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي انهن جي سينيارٽي موجب سختي سان غور هيٺ آندو وڃي ۽ عمل ۾ غيرضروري دير نه ڪئي وڃي. هن وزارت کي معاملي کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ذيلي ڪميٽي هڪ مهيني کانپوءِ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي. ميڊيا نمائندن ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ته وڏي انگ ۾ صحافين بني گالا / بهاره ڪهو اسڪيم تحت پلاٽن جي لاءِ درخواستون ڏنيون هيون جتي مبينا طور تي پهرين اچو، پهرين وٺو جو اصول اختيار نه ڪيو ويو. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته فيز ٽو ۾ به اها ئي صورتحال پيش اچي سگهي ٿي. نمائندن 35 درخواستگذارن جا معاملا به اجاگر ڪيا جن وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو هو ۽ مبينا طور تي 2004ع کان پنهنجي معاملن جي حل جا منتظر آهن. هنن ذيلي ڪميٽي کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي اسڪيمن تحت اهڙن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جون فهرستون حاصل ڪيون وڃن جن کي ٻه پلاٽ الاٽ ڪيا ويا ته جيئن شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ ٻٽي الاٽمينٽ جي روڪٿام ۾ مدد ملي سگهي. اجلاس ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي ملازمن جي اهليت جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ڊي جي ايف جي اي ايڇ اي ٻڌايو ته اي پي پي جا ملازم نيشنل پريس ڪلب جا ميمبر آهن جڏهن ته پي ٽي وي جا ملازم ان جا ميمبر نه آهن. ڪنوينر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته صهافين جي التوا هيٺ معاملن جي حل لاءِ ضروري سمري وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وڃي. هن اي پي پي جي ملازمن بابت معاملي تي غور جي لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ اي پي پي جي نمائندن کي به گهرائڻ جي هدايت ڪئي. ڊي جي ايف جي اي ايڇ اي ذيلي ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته 35 درخواستگذارن جا معاملا لاڳاپيل عملدارن آڏو اٿاريا ويندا. ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته سمورن التوا هيٺ معاملن تي هڪ مهيني کانپوءِ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته صحافين جي پلاٽ سليڪشن ڪميٽي جي تازي رپورٽ 15 ڏينهن جي اندر پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي.

مزید خبریں