وزيراعظم سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ملاقات، صوبي جي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سومر ڏينهن هتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي ۽ سنڌ صوبي جي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب مُلاقات ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، شزه …

اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سومر ڏينهن هتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي ۽ سنڌ صوبي جي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب مُلاقات ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه ۽ علي پرويز ملڪ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ سنڌ صوبي جي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي معاملن تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سياسي رواداري ۽ مشاورت برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.