اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ قانون لاڳو ڪرڻ، دهشتگردي ۽ منشيات جي روڪٿام، انساني اسمگلنگ ۽ پرڏيهين جي غير قانوني چرپر جي خاتمي وارن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر اها ڳالهه ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نصرالدين بن اسماعيل سان …
پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ قانون لاڳو ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: آصف علي زرداري
اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ قانون لاڳو ڪرڻ، دهشتگردي ۽ منشيات جي روڪٿام، انساني اسمگلنگ ۽ پرڏيهين جي غير قانوني چرپر جي خاتمي وارن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر اها ڳالهه ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نصرالدين بن اسماعيل سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ گهرو معاملن ۽ منشيات جي روڪٿام وارو وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي پڻ موجود هو. پاڪستان ۾ ملائيشيا جو هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، رائل ملائيشيا پوليس جي اسپيشل برانچ جو ڊائريڪٽر ابراهيم داروس ۽ ملائيشيا جي جيل کاتي ۾ سڌارن جي بحالي بابت ڊپٽي ڪمشنر حفيظ عثمان سميت ٻيا عملدار پڻ معزز مهمان سان گڏ ه ئا. ملائيشين وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي صدر مملڪت چيو ته پاڪستان، ملائيشيا سان پنهنجن ويجهن ۽ ڀائپي وارن ناتن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي جيڪي گڏيل ايمان، ثقافت، گڏيل احترام ۽ عوامي سطح تي مضبوط رابطن تي ٻڌل آهن. صدر مملڪت ادارن جي سطح تي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ خاص ڪري اندروني سلامتي، اميگريشن ۽ قانوني ۽ عدالتي معاملن ۾ ٿيندڙ هاڪاري اڳڀراين کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ مسلسل رابطي ۽ سهڪار سان انهن جي شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ متعلق معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. صدر مملڪت ملائيشيا ۾ پاڪستاني شين جي لاءِ وڌيڪ وسيع مارڪيٽ تائين پهچ جا امڪان ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. انهن شين ۾ چانور، پٽاٽو، ڪڻڪ، پولٽري ۽ جانورن جي خوراڪ سميت ملائيشيا ۾ طلب رکندڙ ٻيون شيون شامل آهن. ملائيشيا جي گهرو وزير صدر مملڪت کي ٻڌايو ته 2026ع پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جو 69 هون سال آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ناتا ملائيشيا جي آزادي بعد 1957ع ۾ قائم ٿيا هئا. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي مختلف شهرن ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ هفتيوار 14 اڏامون هلي رهيون آهن جڏهن ته اڏامن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. صدر مملڪت ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملائيشين وزير جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادارن جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي پراڻن ۽ گهڻ رخن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.










