اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم ۾ لانگ حج پئڪيج تحت صرف ساڍا 18 هزار سيٽون رهجي ويون آهن جڏهن ته سرڪاري اسڪيم تحت 88 هزار 700 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي اهي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران جاري ايڊيٽس موجب پنجاب مان 46 هزار 400، سنڌ مان 23 هزار 500، خيبر پختونخوا مان 11 هزار 300 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي آهي. اسلام …
سرڪاري اسڪيم ۾ لانگ حج پئڪيج تحت صرف ساڍا 18 هزار سيٽون باقي رهيون ويون آهن جڏهن ته سرڪاري اسڪيم تحت 88 هزار 700 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي آهي
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم ۾ لانگ حج پئڪيج تحت صرف ساڍا 18 هزار سيٽون رهجي ويون آهن جڏهن ته سرڪاري اسڪيم تحت 88 هزار 700 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي اهي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران جاري ايڊيٽس موجب پنجاب مان 46 هزار 400، سنڌ مان 23 هزار 500، خيبر پختونخوا مان 11 هزار 300 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي آهي. اسلام آباد مان 3933، بلوچستان، 2555، گلگت بلتستان مان 677 آزاد ڪشمير مان 362 حج پانڌيئڙن قسط جمع ڪرائي آهي. نيشنل آ3 ٽي بورڊ جي حج پورٽل تي آن لائين ادائگين جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو. 3 ڏينهن ۾ حج ادائگين جي پهرين قسط جي مد ۾ 55 ارب روپين کان وڌيڪ وصوليون ٿيون. 40 سيڪڙو حج پانڌيئڙن ون لنڪ/ ڪارڊ ذريعي آن لائين ادائگي جي چونڊ ڪئي. وزارت موجب حج 2027ع تي ويندڙ خواهشمندن حج پورٽل تي پنهنجا ڪوائف ۽ ادائگي جلد مڪمل ڪن، 40 ڏينهن حج پئڪيج ۾ گهربل تعداد پورو ٿيڻ تي حج 2027ع جي بڪنگ روڪي ويندي.











