وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز ۾ سي ٽي ڪورونري اينجيوگرافي جي سهولت فعال نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو

لاهور - 22 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ سي ٽي ڪورونري اينجيوگرافي جي سهولت فعال نه ٿيڻ تي نوٽيس وٺندي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ سي ڪورونري اينجيوگرافي جي سهولت جي عدم فعال يا عدم دستياب ٿيڻ جي …

لاهور – 22 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ سي ٽي ڪورونري اينجيوگرافي جي سهولت فعال نه ٿيڻ تي نوٽيس وٺندي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ سي ڪورونري اينجيوگرافي جي سهولت جي عدم فعال يا عدم دستياب ٿيڻ جي معاملي جو نوٽيس وٺندي حقيقتن جو تعن ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته هو معاملي جي سمورن رخن جو جائزو وٺندي حقيقتن ۽ ذميواري جو تعين ۽ پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري. ڪميٽي جي چيئرمين، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هوندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ سيڪريٽري نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪو آرڊينيشن ڊويزن، اي ايف آءِ سي مان برگيڊيئر ڊاڪٽر جهانزيب علي، ڊاڪٽر نصرت الله چوڌري، پروفيسر ڊاڪٽر نديم حيات ملڪ، برگيڊيئر (ر) ڊاڪٽر عظمت حيات (پمز) ۽ مسٽر عمر فاروق (سي ٽي اينجيو ٽيڪنيشن، اي ايف آءِ سي) شامل هوندا. ڪميٽي ضرورت مطابق ٻين ميمبرن کي پڻ شامل ڪري سگهندي ۽ ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته پمز ۾ 2022ع کان سي ٽي ڪورونري اينجيوگرافي ڪرڻ جي فني صلاحيت موجود هئي ۽ جيڪڏهن هئي ته ان لاءِ گهربل فني سهولت، انساني وسيلا ۽ سافٽ ويئر وغيره ڪيتري حد تائين دستياب هئا. ڪميٽي 2022ع کان وٺي هن وقت تائين پمز ۾ ڪيل سي ٽي ڪورونري اينجيوگرافي جي طريقيڪار، ان جي تعداد، تاريخن ۽ طريقيڪار جو نوعيت جو پڻ جائزو وٺندي جڏهن ته لاڳاپيل اسپتال جي رڪارڊ سميت ٻين دستاويزن جو پڻ جائزو ورتو ويندو. ڪميٽي ڪارڊيالاجي ۽ ريڊيولاجي شعبن وچ ۾ سي ٽي ڪورونري اينجيو گرافي لاءِ ڪنهن باقاعده ريفرل ميڪنزم، گڏيل رابطا ۽ انتظاميه جي ڪارڪردگي جو پڻ جائزو وٺندي. ڪميٽي اهو پڻ جائزو وٺندي ته ڇا ڪارڊيالاجي ڊپارٽمينٽ جي مريضن کي معمول طور سي ٽي ڪورونري اينجيو گرافي لاءِ خانگي طبي مرڪزن ڏانهن موڪليو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته ڪنهن خاص نجي اداري کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ سرڪاري اسپتال مان ڪيتري مالياتي ڪاروبار جو رخ خانگي مرڪزن ڏانهن ويندو آهي. ڪميٽي پمز جي ڪارڊيالاجي ۽ ريڊيولاجي شعبن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي عدم رابطاڪاري، بدانتظامي يا غلط فهمي ۽ ان جي نتيجي ۾ عوامي فائدن کي پهتل نقصانن جو پڻ جائزو وٺندي ۽ ذميوار آفيسرن يا آفيسن جو تعين ڪندي.  ڪميٽي معاملي بابت لاڳاپيل ڪن به بين رخن جو جائزو وٺندي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪميٽي سمورن لاڳاپيل حقيقتن ۽ رڪارڊ جي مڪمل جاچ پڙتال کان پوءِ پنهنجي رپورٽ ڪري ته جيئن معاملي ۾ وڌيڪ ڪارروائي قانون ۽ قاعدن موجب عمل ۾ آڻي سگهجي. نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪو آرڊينيشن ڊويزن ڪميٽي کي انڪوائري دوران مدد فراهم ڪندو.

مزید خبریں