لاهور- 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي مالي مدد ۽ متاثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي ۽ روڊ رستا جلدي مڪمل بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ تازين مون سون برساتن ۽ ان سبب ٿيل نقصانن جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …
وزيراعظم پاران برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي مالي مدد، بجلي ۽ روڊن جي بحالي جي هدايت

مزید خبریں
لاهور- 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي مالي مدد ۽ متاثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي ۽ روڊ رستا جلدي مڪمل بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ تازين مون سون برساتن ۽ ان سبب ٿيل نقصانن جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي مالي مدد جي هدايت ڪندي چيو ته ٻوڏ ۾ فوت ٿيل سمورن ماڻهن جي خاندانن جي مالي مدد ڪئي ويندي ۽ مڪمل ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جي مالڪن جي به مالي مدد ڪئي ويندي. هن ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام ۽ روڊ رستن جي بحالي جلدي مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ سيڪريٽريز کي متاثر علائقن ۾ وڃي برساتن سبب ٿيل نقصان جو پاڻ جائزو وٺڻ ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪرائڻ ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انهن سمورن متاثر علائقن ۾ عام واهپي جون شيون ۽ ٻيو امدادي سامان جلدي پهچايو وڃي جتي پهچ نه هجڻ سبب امدادي سامان ناهي پهچي سگهيو. وزيراعظم ايندڙ برساتن ۽ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر منجمينٽ اٿارٽين کي امدادي ڪارروائين لاءِ مڪمل طور تي تيار رهڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي مون سون 2026ع جي اثرن ۽ صوبن ۽ اين ڊي ايم اي پاران امدادي ڪارروائين ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي سمورن متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي محفوظ هنڌن تي وقت سر منتقلي ڪئي وئي آهي، وڌيڪ برساتن ۽ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي منيجمينٽ اٿارٽين جون ٽيمون عوام جي مدد لاءِ تيار آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ مون سون برساتن سبب متاثر علائقن ۾ هن وقت تائين مجموعي طور تي 615 ٽن امدادي سامان موڪليو ويو آهي ۽ وڌيڪ امدادي سامان موڪلڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن، بريفنگ مطابق پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اترئين علائقن ۾ ارلي وارننگ سسٽم فعال آهن جنهن سبب ٻوڏ کان اڳ ڪيترن ئي شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، شزا فاطمه خواجا، معين وٽو، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، سردار اويس لغاري، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جا چيف سيڪريٽيز، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽنينٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ مختلف ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ هئا.









