نائب وزيراعظم ۽ سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو (ايڪنڪ) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾  ترقياتي منصوبن جي جامع ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جنهن ۾ خوازه خيله- بشام ايڪسپريس وي جي تعمير، ليسڪو، حيسڪو ۽پيسڪو ۾ بجلي جي ورهاست جي نظام جي سگهه ۾ بهتري …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو (ايڪنڪ) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾  ترقياتي منصوبن جي جامع ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جنهن ۾ خوازه خيله- بشام ايڪسپريس وي جي تعمير، ليسڪو، حيسڪو ۽پيسڪو ۾ بجلي جي ورهاست جي نظام جي سگهه ۾ بهتري جي منصوبي، تربيلا ڊيم جو پنجون توسيعي پن بجلي منصوبو، ڏکڻ پنجاب ۾ غربت ۾ گهٽتائي جو منصوبو، فل برائيٽ اسڪالرشپ سپورٽ پروگرام کان علاوه پاڻي، رابطا ۽ بنيادي ڍانچي  بابت مختلف منصوبا شامل آهن. ڪميٽي نظرثاني شده پي سي  تي به غور ڪيو ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزوو رتو ته جيئن انهن منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ ترقياتي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن تي موثر عملدرآمد لاءِ مربوط ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ حڪومت جي وسيع اقتصادي ترقي ۽ بهتر رابطن جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ جو عمل برقرار رکيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، رٿابندي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، ڪابينه ڊويزن ۽ ناڻي وزارت، رٿابندي واري وزارت جي سيڪريٽرين، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن سميت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں