اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نصر الدين بن اسماعيل ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڌرين دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي وارين ڪوششن، سائبر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ اميگريشن مينجمينٽ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهيوزارتن وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ملائيشين هم منصب جو گڏيل ورڪنگ گروپ، سيڪيورٽي تعاون تي اتفاق
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نصر الدين بن اسماعيل ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڌرين دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي وارين ڪوششن، سائبر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ اميگريشن مينجمينٽ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهيوزارتن وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ انٽيليجنس شيئرنگ جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گهرو وزارت مطابق ملائيشا جي پرڏيهي وزير جو گهرو وزارت پهچڻ تي محسن نقوي شاندار استقبال ڪيو ۽ ساڻس ون آن ون ملاقات ڪئي. ان کان پوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٻنهي ڌرين ٻه طرفه لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گهرو سلامتي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ بابت شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. هن دهشتگردي جي خاتمي وارن قدمن، منشيات جي خاتمي وارين ڪارروائين، غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ ۽ سائبر ڪرائيم کي منهن ڏيڻ بابت به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته انٽيليجنس شيئرنگ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث نيٽ ورڪس جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن انساني اسمگلنگ خلاف گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بنائن جي قدمن تي به ڳالهيون ڪيون. بنهي ملڪن نيشنل پوليس اڪيڊمي پاڪستان ۽ رائل ملائيشين پوليس ڪاليج وچ ۾تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. تربيتي پروگرامن کي وسعت ڏيڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ مهارت جي حصيداري تي به ڳالهيون ڪيون. ڪوسٽ گارڊ سيڪٽر ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جو اهم شعبو هو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊ آپريشنز ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ملائيشيا جي تجربي مان فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. گهرو وزير ان يقين جو اظهار به ڪيو ته ملائيشيا جي وزير جو دورو بنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ تعاون جون نيون راهون کولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي وزيرن ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، گهرو وفاقي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي، انسپيڪٽر جنرل فيڊرل ڪانسٽيبلري، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا، ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ، چيف ڪمشنر ۽ انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد سميت ٻين اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.











