اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جهنگ صدر ريلوي اسٽيشن تي ساندل ايڪسپريس جي باقاعده بحالي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ملتان، جهنگ، سرگوڌا روٽ تي ريل سروس جي بحالي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ عمل ۾ آئي،جنهن سان جهنگ جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. جاري پريس پڌرائي موجب ان موقعي تي وفاقي وزير پنجاب جي …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران جهنگ صدر ريلوي اسٽيشن تي ساندل ايڪسپريس جي باقاعده بحالي جو افتتاح
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جهنگ صدر ريلوي اسٽيشن تي ساندل ايڪسپريس جي باقاعده بحالي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ملتان، جهنگ، سرگوڌا روٽ تي ريل سروس جي بحالي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ عمل ۾ آئي،جنهن سان جهنگ جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. جاري پريس پڌرائي موجب ان موقعي تي وفاقي وزير پنجاب جي عوام لاءِ وڌيڪ 8 اهم ريلوي روٽس جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي راولپنڊي، لاهور روٽ کان علاوه ان روٽس تي به اپ گريڊ ڪندو ته جيئن مسافرن کي بهتر، محفوظ ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. اهي روٽس وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي خاص ڌيان جو مرڪز آهن. محمد حنيف عباسي ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي چين کان جديد ٽرينون حاصل ڪرڻ جي منصوبي تي به ڪم جاري رهيو جنهن ۾ تقريبن هڪ هزار مسافرن جي گنجائش هوندي. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج جي خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ شهيدن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. حنيف عباسي جهنگ ۾ صفائي، بهتر رستن، صاف پنجاب پروگرام ۽ گرين بسن سميت شهري سهولتن ۾ بهتري جي تعريف ڪندي وزيراعليٰ پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقرييب ۾ جي ڊي اي جهنگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر معظم وحيد شيخ، اڳوڻي صوبائي وزير سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن، مقامي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.











