پاڪستان ريلوي جي آمدني 88 ارب مان وڌي 115 ارب روپيا ٿي وئي، سڌارن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن: وفاقي وزير

ملتان - 22 آگسٽ (اي پي پي)  ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ مالي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، گذريل مالي سال ريلوي جي آمدني 88 ارب روپين مان وڌي 115  ارب روپين تائين پهچي وئي جڏهن ته فريٽ آمدني ۾ به 28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير  چيو ته ڏيڍ سال …

ملتان – 22 آگسٽ (اي پي پي)  ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ مالي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، گذريل مالي سال ريلوي جي آمدني 88 ارب روپين مان وڌي 115  ارب روپين تائين پهچي وئي جڏهن ته فريٽ آمدني ۾ به 28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير  چيو ته ڏيڍ سال اڳ پاڪستان ريلوي جي ذميواري سنڀالي ته ڪيتريون ئي خاميون موجود هيون، جن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِعملي قدم کنيا ويا. سڌارن جا نتيجا حقيقتن ۽ انگن اکرن مان ظاهر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ريلوي جي آمدني ۾ 27 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي،  جنهن جي اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ به تصديق ڪئي آهي. حنيف عباسي چيو ته فريٽ آمدني ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، فريٽ آمدني وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. ڪوشش آهي ته فريٽ آمدني ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ريلوي جي زمين ۽ ملڪيت کي اوپن آڪشن ذريعي ليز تي ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي ئي، جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي جي زمين ۽ ملڪيت مان آمدني 8 ارب روپين مان وڌي 16 ارب روپيا ٿي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي پراڻن بوگين کي 10 سال تائين اوور هال ناهي ڪيو، هاڻي بوگين ۽ ايئر ڪنڊيشننگ نظام کي مرحليوار اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيتريون ئي ڪوچز پنهنجي مقرره عمر پوري ڪري چڪيون آهن. عوام ايڪسپريس، شاليمار ايڪسپريس، هزاره ايڪسپريس، بزنس ٽرين ۽ سکر ايڪسپريس ڪوچز کي اپ گريڊ ڪيو ويو جڏهن ته تيز گام، پاڪستان ايڪسپريس ۽ رحمان بابا ايڪسپريس جي اپ گريڊيشن به ڪئي ويندي. حنيف عباسي چيو ته 15 سيپٽمبر کان پوءِ اپ گريڊ ڪيل ڪنهن ٽرين جي ريڪ ۾ پراڻي ڪوچ شامل ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي ۽ اپ گريڊ ٿيل ٽرينن ۾ پراڻين ڪوچز جي آميزش قبولڻ جوڳي ناهي. هن ٻڌايو ته 30 سيپٽمبر  تائين پاڪستان ريلوي جي ٻيڙي ۾ 30 پاور وينز شامل ٿي وينديون. 31 ڊسمبر تائين وڌيڪ 16  نيون پاور وينز خريد ڪيون وينديون جڏهن ته باقي 40 پاور وينز 23 مارچ تائين ريلوي جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي وينديون جنهن کان پوءِ پاور  وينز جي کوٽ پوري ٿي ويندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿر ڪول کي ريلوي نيٽ ورڪ سان ملائڻ لاءِ 105 ڪلوميٽر ٽريڪ وڇائڻ جو منصوبو به آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان کي ساليانو 2 ارب ڊالرن جي بچت ٿيندي جڏهن ته ٿرڪول کان ڪوئلي رسد لاءِ ريلوي نظام   ۾ جدت آندي ويندي. هن چيو ته روهڙي ڪراچي ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان 2.5 ارب ڊالرن جو معاهدو ٿي چڪو آهي، روهڙي ڪراچي ٽريڪ تي ٽرينن جي رفتار 30 کان 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين محدود آهي، ٽريڪ جي اپ گريڊيشن تي ڪم جاري آهي ۽ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر جنوري جي پهرين يا ٻئي هفتي ۾ رکڻ جي اميد آهي. حنيف  عباسي چيو ته روهڙي ڪراچي ٽريڪ منصوبي جي موجوده وقت جي پڄاڻي تائين 50 کان 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جڏهن ته اپ گريڊيشن کان پوءِ سفر جي وقت ۾ اٽڪل 5 ڪلاڪن جي گهٽتائي ٿيندي. روهڙي ملتان ريلوي سيڪشن جي بهتري ۽ ايم ايل ٿري منصوبي تي به ڪم جاري آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ايم ايل ون، ايم ايل ٽو ۽ ايم ايل ٿري جي واپاري راهداري ٺاهڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، پاڪستان ريلوي جي اهم روٽس کي مخصوص واپاري راهداري ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن چيو ته ريلوي ۾ ڊجيٽلائيزيشن طرف تيزي سان وڌي رهيا آهيون، اوور اسپيڊ، فيول ڪنزمپشن ۽ ٽريڪ جي مسئلن جي حل لاءِ جديد نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته ريلوي ملازمن جي سهولت ۾ به بهتري آندي پئي وڃي. هن پليٽ فارمز تي مسافرن کي فراهم ٿيندڙ سهولت جو جائزو ورتو، پوليس، هيلپ لائين ڊيسڪ ۽ مرد ۽ عورتون مسافرن لاءِ قائم سهولت مرڪز جو معائنو ڪيو ۽ شهرين سان ملاقات ڪري ريلوي سهولت جي باري ۾ ان جي راءِ معلوم ڪئي. وفاقي وزير ملتان ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي قائم ڪنٽرول روم جو افتتاح به ڪيو ۽ ريلوي آپريشنز جي نگراني جي نظام جو جائزو ورتو.

مزید خبریں