بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، مسئلن جي حل جو بهترين طريقو مشاورت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ آهي: ويراعظم محمد شهباز شريف جو بلوچستان نيشنل ورڪشاپ کي خطاب

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن تي گرينڊ ڊائيلاگ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، بندوق کڻڻ قابل قبول نه آهي، جيڪو پنهنجو رستو صحيح ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ان کي ڀليڪار چوڻ گهرجي، بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، مسئلن جي …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن تي گرينڊ ڊائيلاگ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، بندوق کڻڻ قابل قبول نه آهي، جيڪو پنهنجو رستو صحيح ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ان کي ڀليڪار چوڻ گهرجي، بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، مسئلن جي حل جو بهترين طريقو مشاورت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ آهي، سموريون جائز شڪايتون ختم ڪنداسين. هو جمعي ڏينهن بلوچستان نيشنل ورڪشاپ کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، وفاقي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، بلوچستان جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي حڪومت پاران ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جو اهو علائقو آهي جيڪو بلوچ ۽ پشتون قومن تي ٻڌل آهي جن جي تاريخ بهادري، مهمان نوازي، ڀائيچاري ۽ عظيم روايتن سان لکيل آهي. وزيراعظم چيو ته ڊائيلاگ جو مقصد رڳو حڪومت جي ڳالهه ٻڌائڻ نه آهي پر شرڪت ڪندڙن ۽ بلوچ عوام جي ڳالهه ٻڌڻ آهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان جي وجود ۾ ايندي ئي بلوچستان جي مختلف حصن پاڪستان سان الحاق ڪيو، قاضي محمد عيسى، معير جعفر خان جمالي، اڪبر بگٽي سميت بلوچ اڳواڻن ۽ عوام سوچي سمجهي پاڪستان سان الحاق ڪيو هو، ان کانپوءِ جي ڏهاڪن ۾ جيڪي واقعا ۽ حالتون ٿيون اهي تاريخ جو حصو آهن، بلوچستان جي معاملن کي ڊائيلاگ سان حل ڪرڻ گهرجي ها. 1970ع ۾ بلوچستان کي چوٿين صوبي جو درجو مليو، بلوچستان معدنيات سميت ٻين وسيلن سان مالامال هجڻ جي ڪري امير ترين صوبو آهي پر اهي وسيلا سمنڊ ۽ جبلن ۾ مدفون آهن، انهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سرمائي ۽ مهارت جي ضرورت آهي، وفاق ۽ صوبو گڏجي ئي ان جي لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. هن بلوچستان جي مسئلن کي جائز قرار ڏيندي چيو ته جاگرافيائي لحاظ کان وڏو صوبو هجڻ جي ناطي تعليم ۽ صحت جي سهولتن ۽ رستن جي تعمير ۾ مشڪلاتون آهن، انهن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل مشاورت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي پر مسئلن جي آڙ ۾ بندوق کڻڻ جو ڪو جواز نه آهي، ڪو به محب وطن اهو نه ٿو ڪري سگهي، بلوچستان ۾ مزدوري ڪندڙن کي يا سڃاڻپ جي بنياد تي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جائز نه آهي، گڏيل ڳالهه ٻولهه سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. هن واضح ڪيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي پٺيان فتنه الهندستان ۽ دشمن ملڪن مان وسيلا حاصل ڪندڙ آهن جيڪي بيگناهن کي شهيد ڪري رهيا آهن، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي عوام کي محفوظ بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏجي ڪراچي کان چمن اين – 25 رستو تعمير ڪري رهيا آهيون، 415 ارب رپين جو منصوبو وفاق ڏنو، اهو چئني صوبن جي عوام جو پئسو هو جيڪو بلوچستان تي لڳائي رهيا آهيون، اهو بلوچستان جي عوام لاءِ آهي. مسئلن جي آڙ ۾ بندوق کڻڻ قابل قبول نه آهي، ماضي ۾ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، هاڻي مسئلن کي سامهون رکي گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان جون ڌيئرون ۽ فرزند پنهنجو رستو صحيح ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن ته انهن کي ڀليڪار چوڻ گهرجي. وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪيو ته بدقسمتي سان رستي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي شهيد ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته معرڪه حق دوران پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دل هئي، اڄ اسان کي ويهي فرينڪ ڊائيلاگ ڪرڻ گهرجي، ان سان ئي رستو نڪرندو. هن چيو ته گوادر پورٽ خطي جي اهم ترين ۽ شاندار بندرگاهه آهي، گوادر پورٽ تي هڪ لک ٽن جو مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهي ٿو، گوادر جو هوائي اڏو عظيم دوست چين پاران تحفي ۾ مليو. بلوچستان جي وڏي وزير جي مطالبي تي 22 هزار زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو، 70 ارب رپين جي شمسي منصوبي ۾ 40 ارب رپيا وفاق خرچ ڪيا. اين ايف سي ايوارڊ جي اعلان جي موقعي تي وفاق فنڊنگ ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو، پنجاب 11 ارب رپيا ساليانو بلوچستان کي فراهم ڪيا. آئون ان وقت وڏو وزير هئس، هڪ ڏينهن جي لاءِ به دل ۾ خيال نه آيو ته ڇو؟ ڇو ته رياست جون چار ئي اڪائيون ترقي جي عمل ۾ برابر جون شريڪ آهن، جيڪڏهن ماني هڪ هجي ته چئني ڀائرن کي ورهائڻي پوندي. هن چيو ته جڏهن اهو فيصلو کڻي آئون پنجاب اسيمبلي ۾ ويس ته ميمبرن زوردار تاڙيون وڄايون، اسان ڀائيچاري جي رشتن ۾ ٻڌل آهيون، انهي جذبي سان بلوچستان کي ليپ ٽاپ، هوشيار شاگردن ۾ وظيفن جي ورڇ ۾ شامل ڪيو، انهن جو حصو انهن جي آبادي جي تناسب کان به 10 سيڪڙو وڌيڪ رکيو. ان موقعي تي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان سوال ۽ جواب واري ويهڪ ۾ وزيراعظم چيو ته وفاق پاران بلوچستان جي 9 ضلعن ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن جن ۾ ايچي سن جي معيار جي تعليم ڏني وڃي ٿي ڇو ته بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جا ٻار به معياري تعليم جا حقدار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا چمن رستي جي لاءِ وڌيڪ سئو يا ٻه سئو ارب به فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته صوبي ۾ ترقي جو عمل رڪجڻ جو خدشو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان ۾ وڌيڪ اضافو متوقع آهي، چانور جي آبادگارن کي برآمدات ۾ گهٽتائي جي ڪري 11 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي ته جيئن اهي ٻين ملڪن جو مقابلو ڪري سگهن ۽ ملڪ ۾ ڊالر اچن، رڳو هڪ ائٽم جي اسمگلنگ روڪڻ سان 125 ارب رپيا قومي خزاني ۾ آيا، عوامي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪريون ته ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ کي ڪوئيٽا وڃي صوبي ۾ سردين ۾ گئس لوڊ شيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم جي هدايت تي ٻڌايو ته صوبي ۾ ٻه بهترين اسپتالون دل جي مرض جون علاج ڪري رهيون آهن. هن سولر ٽيوب ويلز جي منصوبي تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته زميندارن کي ان سان وڏو فائدو ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم واعدو ڪيو ته هو انساني حد تائين بلوچستان جي ترقي جي لاءِ وسيلا فراهم ڪندو پر سيڪيورٽي جي ذميواري وٺڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب جي لاءِ وزيراعظم وفاقي وزير احسن اقبال کي موقعو ڏنو جنهن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ رکي، پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ 200 ارب رپيا ۽ پنجاب جي لاءِ 70 ارب رپيا رکيا ويا، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ به بلوچستان ۾ 650 ڪلوميٽر ڊگها رستا تعمير ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته ڪوئيٽا، گوادر رستي جي تعمير دوران 43 مزدورن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي نمائنده ماڻهن کي گهرائڻ تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں