اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزيراعظم طرفان قومي نجي ايڪويٽي پاليسي فريم ورڪ جي تياريءَ لاءِ قائم ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ پرائيويٽ ايڪويٽي جي شعبي کي مضبوط بنائڻ، ملڪي ۽ پرڏيهي ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ سيڙپ جي جوڙجڪ ۾ نجي ايڪويٽي جي ڪردار تي …
وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ قومي نجي ايڪويٽي پاليسي فريم ورڪ جي تياريءَ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزيراعظم طرفان قومي نجي ايڪويٽي پاليسي فريم ورڪ جي تياريءَ لاءِ قائم ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ پرائيويٽ ايڪويٽي جي شعبي کي مضبوط بنائڻ، ملڪي ۽ پرڏيهي ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ سيڙپ جي جوڙجڪ ۾ نجي ايڪويٽي جي ڪردار تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪميٽيءَ ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته پرائيويٽ ايڪويٽي ذريعي اُڀرندڙ ۽ ترجيحي شعبن ۾ ترقياتي سيڙپ فراهم ڪري سگهجي ٿي، ڪاروبار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، پيداواري صلاحيت ۽ چٽاڀيٽي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته پاڪستاني ڪاروباري ادارن کي وڏي پيماين تي ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته ڄاڻايل پاليسي فريم ورڪ نجي شعبي جي قيادت ۾ تيار ڪيو وڃي، جڏهن ته حڪومت جو ڪردار سازگار ماحول جي فراهمي، واضح ۽ آسان ريگيوليٽري نظام واضح ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون پاليسي ۽ ٽيڪس رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تائين محدود هجي. هن واضح ڪيو ته حڪومت جو مقصد سڌيءَ ريت سرڪاري فنڊنگ فراهم ڪرڻ ناهي پر ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي وڌ کان وڌ شرڪت کي آسان بنائڻ آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ موجود پرائيويٽ ايڪويٽي ايڪو سسٽم جو جائزو ورتو ويو ۽ مددگار ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز کي سيڙپڪاريءَ جي مؤثر ذريعن طور تي مناسب ٽيڪس سلوڪ ڏيڻ ۽ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري ۽ سرمائي جي ٻيهر سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ لچڪ پيدا ڪرڻ جون تجويزون به غور هيٺ آيون. ڪميٽيءَ اداره جاتي سيڙپڪارن جي ڪردار تي به غور ڪيو ته جيئن پيشيوراڻي انداز ۾ هلندڙ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز ذريعي ڊگهي مُدي واري سيڙپ متحرڪ ڪري سگهجي. ان عمل ۾ مناسب ريگيوليٽري خدشن ۽ عالمي معيارن سان هم آهنگي برقرار رکڻ تي به زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پرائيويٽ ايڪويٽي ڪاروباري واڌ، انضمام ۽ حاصل ڪرڻ، ڪاروبار جي نئين سر تنظيم، نجڪاري ۽ ٻين ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن لاءِ عمل جوڳن ڪاروباري منصوبن ۽ـ سيڙپڪارين جي قابل منصوبن جي واضح پائپ لائن تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن سيڙپڪارن کي بهتر موقعا ۽ معلومات دستياب ٿئي ۽ ڊگهي مُدي واري سيڙپ مؤثر انداز ۾ ڪتب آڻي سگهجي. ڪميٽي پنهنجين سفارشن کي گڏائي قومي نجي ايڪويٽي پاليسي فريم ورڪ کي شڪل ڏيندي ۽ ان کي وزيراعظم جي منظوريءَ لاءِ پيش ڪندي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته سفارشون جامع، عملي ۽ عمل جوڳيون هئڻ گهرجن ته جيئن ڊگهي مُدي واري سيڙپ کي متحرڪ ڪري سگهجي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي ملي ۽ پائيدار ۽ جامع معاشي ترقيءَ ۾ مدد حاصل ٿئي. اجلاس ۾ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار هارون اختر سميت لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي شعبن سان تعلق رکندڙ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.











