سميع الله خان پرائيم منسٽر انسپيڪشن ڪميشن جو ميمبر مقرر

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت پوسٽل گروپ جي گريڊ 22 جي سينيئر آفيسر سميع الله خان کي ڊيپوٽيشن تي ميمبر پرائيم منسٽر انسپيڪشن ڪميشن (پي ايم آءِ سي) مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري باقاعده نوٽيفڪيشن موجب سميع الله خان جيڪو ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ بطور آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر هو، سندس بدلي ڪري کيس معياري قاعدن ۽ ضابطن تحت …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت پوسٽل گروپ جي گريڊ 22 جي سينيئر آفيسر سميع الله خان کي ڊيپوٽيشن تي ميمبر پرائيم منسٽر انسپيڪشن ڪميشن (پي ايم آءِ سي) مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري باقاعده نوٽيفڪيشن موجب سميع الله خان جيڪو ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ بطور آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر هو، سندس بدلي ڪري کيس معياري قاعدن ۽ ضابطن تحت ڊيپوٽيشن جي بنياد تي پي ايم آءِ سي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سندس مقرري فوري طور تي ۽ سندس رٽائرمينٽ جي تاريخ 3 نومبر 2028ع يا ٻئي حڪم تائين لاڳو رهندي.