نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گهڻ رخي نظام ۽ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گهڻ رخي نظام ۽ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي گذريل سالن دوران قيادت ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.