اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي هر وقت جنگي تيارين جو تسلسل برقرار رکڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. تفصيل موجب پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جي صدارت هيٺ پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو …
ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي: ايڊمرل نويد اشرف

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي هر وقت جنگي تيارين جو تسلسل برقرار رکڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. تفصيل موجب پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جي صدارت هيٺ پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ سامونڊي شعبي کي درپيش روايتي ۽ غير روايتي خطرن، اسٽريٽجڪ چيڪ پوائنٽس تي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي وقت سر جنگي تيارين جو تسلسل برقرار رکڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. ڪانفرنس دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سامونڊي سلامتي ۾ پاڪ بحريه جي مُک ڪردار تي روشني وڌي وئي. نيول چيف کي پاڪ بحريه جي جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي بريفنگ به ڏني وئي. نيول چيف ملڪي سامونڊي سرحدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.










