بلاول ڀٽو زرداري جي محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي آهي ته هو پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿي فعال ڪردار ادا ڪن، جنهن تي مخالف ڌر اڳواڻن چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪندا. اربع ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ جي …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي آهي ته هو پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿي فعال ڪردار ادا ڪن، جنهن تي مخالف ڌر اڳواڻن چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪندا. اربع ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ جي چيئرمين قومي اسيمبليءَ جي مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر ليڊر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل اسد قيصر، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين مصطفيٰ کوکر، قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ترجمان آخوند زاده حسين به موجود هئا، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نويد قمر ۽ نديم افضل چن موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ پارلياماني معاملن ۽ ملڪي سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي ته هو پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿي فعال ڪردار ادا ڪن جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪندا. پ پ ۽ مخالف ڌر اڳواڻن پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي حوالي سان رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي چيو ته اوهان چونڊن ۾ شفافيت يقيني بنائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جي سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بلاول ڀٽو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ عمران خان جي اسپتال منتقلي ۽ علاج کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته اها هڪ جمهوري روايت آهي.