ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) وٽ موجود 108000 ميٽرڪ ٽن کنڊ جي روانگي واپار لاءِ عالمي …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) وٽ موجود 108000 ميٽرڪ ٽن کنڊ جي روانگي واپار لاءِ عالمي ٽينڊر طلب ڪرڻ جي اجازت گُهري وئي آهي. اها کنڊ گذريل سال آمدني واپار ڪيل 3 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي باقي رهيل ذخيري جو حصو آهي. ڄاڻايل کنڊ جي آمدني واپار گذريل سال ڪابينا جي منظوري سان جوڙيل شوگر بابت اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي سفارش تي ڪئي وئي هئي. اي سي سي عالمي ٽينڊرز جي عمل کي پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) رولز 2024ع موجب سختيءَ سان مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن رانا تنوير حسين، قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار هارون اختر، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.