اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي بقايائين جي پهرين قسط جي ادائيگي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي، 24 ڪلاڪن کان گهٽ عرصي ۾ درخواستن جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي. اربع ڏينهن ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سڄي ملڪ جي چئني صوبن، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان آن لائن …
حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي بقايائين جي پهرين قسط جي ادائيگي جاري آهي: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي بقايائين جي پهرين قسط جي ادائيگي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي، 24 ڪلاڪن کان گهٽ عرصي ۾ درخواستن جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي. اربع ڏينهن ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سڄي ملڪ جي چئني صوبن، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان آن لائن ادائيگيون ڪاميابي سان جاري آهن، نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي پاڪ حج ايپ ۽ حج پورٽل تي ادائيگي لاءِ ٽي ذريعا متعارف ڪرايا ويا آهن، ون لنڪ پي ايس آءِ ڊي بئنڪ ڪارڊ ۽ مينيوئل بئنڪ چالان ذريعي ادائيگي جي سهولت موجود آهي. مجموعي طور تي 24 ڪلاڪن اندر 31 ارب رپين جي ادائيگيون مڪمل ڪيون ويون آهن. شارٽ حج اسڪيم ۾ 22 هزار، لانگ حج ۾ 28 هزار حج پانڌيئڙن جون ادائيگيون مڪمل ٿي ويون آهن.










