اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو ۽ ڀارت ۾ آمريڪا جي سفير پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري دوران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت حقيقتن کي ابتڙ بيانن تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير کي “ڀارت جو حصو” قرار ڏيڻ بابت بيان جي …
اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور پرڏيهي وزارت طلب

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو ۽ ڀارت ۾ آمريڪا جي سفير پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري دوران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت حقيقتن کي ابتڙ بيانن تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير کي “ڀارت جو حصو” قرار ڏيڻ بابت بيان جي سختي سان مذمت ۽ ان کي واضح انداز ۾ رد ڪندي واضح ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ باقي آهي. ان تي زور ڏنو ويو ته آمريڪي سفير جو غيرذميواراڻو بيان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي آمريڪا جي پراڻي ۽ دستاويزي موقف جي نفي ڪري ٿو ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي بالادستي جي لاءِ آمريڪا جي عزم سان به ٽڪراءُ ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته معرڪه حق جي ڏس ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ثالثي جي آڇ کي ساراهيندي آمريڪي ڌر تي زور ڏنو ويو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ان جا عوامي بيان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت سان هڪ جهڙائي رکندا هجن.










