اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي آئل ريفائنريز سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي متوقع آهي، اهو عوام جي لاءِ وڏو ريليف ۽ ملڪي معيشت تي مثبت اثر وجهندڙ اهم قدم آهي. اربع ڏينهن پيٽروليم واري وفاقي وزير …
وزيراعظم جي هدايت تي آئل ريفائنريز سان ڪامياب ڳالهين جي نتيجي ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي عوام لاءِ وڏو ريليف آهي، ان قدم سان پوري معيشت تي مثبت اثر پوندا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي آئل ريفائنريز سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي متوقع آهي، اهو عوام جي لاءِ وڏو ريليف ۽ ملڪي معيشت تي مثبت اثر وجهندڙ اهم قدم آهي. اربع ڏينهن پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گڏ ٻارڻ جي قيمتن جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اڄ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته آئل ريفائنريز سان باقاعده ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ هر ممڪن ريليف عوام تائين منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊيزل جو وڏو حصو ملڪ ۾ مقامي طور تي ريفائن ۽ تيار ڪيو وڃي ٿو، ان جي لاءِ اوگرا پاران ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي متوقع آهي. وزيراعظم خصوصي هدايتون جاري ڪيون ته آئل ريفائنريز سان ڳالهيون ڪيون وڃن جڏهن ته پيٽروليم واري وفاقي وزير ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت کي جنگي حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي، خطي ۾ جنگ جي ڪري پوري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو تنهن هوندي به حڪومت عوام کي هر ممڪن ريليف فراهم ڪيو، حڪومت 130 ارب رپين جي لاڳت سان ٽارگيٽيڊ سبسڊي پڻ فراهم ڪئي ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي. هن چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي هڪ ٻيو وڏو قدم آهي ۽ وزيراعظم پاران عوام جي لاءِ تحفو ۽ وڏو ريليف آهي. آبادگار، گڊز ٽرانسپورٽرز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڊيزل استعمال ڪن ٿا، ان لاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي سان انهن شعبن کي سڌوسنئون فائدو پهچندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مقامي طور تي تيار ٿيندڙ ڊيزل جي حوالي سان آئل ريفائنريز سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن. ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي سان عوام تي مالي بار گهٽ ٿيندو ۽ ان جا معيشت تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، اڄ جي ڳالهين جي ڪاميابي حڪومت جي هڪ وڏي ڪوشش آهي ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي سان پوري معيشت تي مثبت اثر پوندا.











