پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ جو تحفظ اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي، پاڪستان جو تحفظ پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي، معاشي استحڪام ۽ قومي سلامتيءَ سان سڌي ريت جڙيل آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ جو تحفظ اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي، پاڪستان جو تحفظ پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي، معاشي استحڪام ۽ قومي سلامتيءَ سان سڌي ريت جڙيل آهي، پاڻيءَ جو مسئلو ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود ناهي رهيو پر قومي سلامتيءَ جو معاملو آهي، صاف پاڻيءَ تائين پهچ يقيني بنائڻ اسان …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ جو تحفظ اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي، پاڪستان جو تحفظ پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي، معاشي استحڪام ۽ قومي سلامتيءَ سان سڌي ريت جڙيل آهي، پاڻيءَ جو مسئلو ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود ناهي رهيو پر قومي سلامتيءَ جو معاملو آهي، صاف پاڻيءَ تائين پهچ يقيني بنائڻ اسان سڀني جي ذميداري آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ پائيدار ترقيءَ جي هدفن (ايس ڊي جيز) سيڪريٽريٽ جي انتظام هيٺ رٿيل واٽر گورننس جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي عالمي قانون جي کُليل ڀڃڪڙي آهي. هن پاڪستان کي درپيش پاڻي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ملڪ کي عارضي قدمن کان اڳتي وڌي پائيدار ۽ مستقل حل ڳولهڻا پوندا. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ برسات جي پاڻيءَ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا. هن وفاقي ۽ صوبائي سطح تي پائيدار واٽر ري سائيڪلنگ نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن زمين هيٺ پاڻيءَ جي سطح ۾ بهتري آڻڻ سان گڏوگڏ قيمتي پاڻي وسيلن جو تحفظ به يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ ننڍن ڊيمز جي تعمير تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ وڏي مقدار ۾ پاڻي وسيلن سان نوازيو آهي جڏهن ته انهن وسيلن کي دانشمندي ۽ اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نيشنل واٽر پاليسي تي مؤثر عملدرآمد ۽ اداره جاتي رابطا پائيدار آبي انتظام لاءِ انتهائي ضروري آهن. هن پاڻيءَ بابت رٿائن لاءِ رکيل فنڊز جي شفاف استعمال کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريندي چيو ته پارليامينٽ جي ذميداري صرف قانونسازي تائين محدود ناهي پر عوامي پاليسين جي مؤثر نگراني به ان جي ذميداري آهي. هن چيو ته ذميداراڻي سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، پاڻي جي ضيان ۾ گهٽتائي ۽ زمين هيٺ پاڻي ذخيرن جي بحالي پاڻي جي تحفظ لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته گڏيل اختلافن کي وِساري اتفاق راءِ سان پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڻي جو تحفظ قومي سلامتيءَ جو معاملو آهي. پائيدار ترقيءَ بابت پارلياماني ٽاسڪ فورس جي هدفن جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جو تحفظ پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو ناهي پر پاڻيءَ جي وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ اثرائتي انتظام سان جڙيل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پاڻي وسيلن کي بهتر بنائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي ۽ ملڪ جي وڏن آبي وسيلن جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان گذريل 50 سالن دوران پاڻيءَ جو ڪو نئون ذخيرو تعمير ناهي ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي ناڪاري اثرن سبب ملڪ ۾ محدود ۽ تيزيءَ سان گهٽ ٿيندڙ آبي وسيلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ موجوده ذخيرن جي گنجائش وڌائڻ ۽ نوان آبي ذخيرا تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته ڀارتي حڪومت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي معطلي پاڪستان خلاف پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي برابر آهي. هن ڀارت طرفان چناب درياهه ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين پاڻي روڪڻ ۽ پوءِ هڪ ئي وقت ۾ پاڻي ڇڏڻ سبب ٿيل نقصانن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان کي اهڙن خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ آبي تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ وڌيڪ آبي ذخيرن جي ضرورت آهي. هن ترقياتي مالي معاونت ۾ گهٽتائيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته 2018ع ۾ جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو جي برابر رهندڙ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ گهٽ ٿي 0.6 سيڪڙو رهجي وئي. هن چيو ته 2018ع ۽ 2026ع ۾ پي ايس ڊي پي لاءِ اٽڪل هڪ کرب رپيا رکيا ويا،جڏهن ته مهانگائي کي نظر ۾ رکجي ته حقيقي معنائن ۾ اها رقم صرف اٽڪل 250 کان 300 ارب رپيا بڻجي ٿي. هن پي ايس ڊي پي جي اثرائتي استعمال، مقامي حڪومتن لاءِ بهتر مالي معاونت ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مضبوط مالياتي نظام جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ڪامياب مقامي حل کي وڏي پيماني تي لاڳو ڪري سگهجي. سيمينار ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد علي قاسم گيلاني، فيصل امين خان، زيب جعفر سميت سي ڊي اي چيئرمين، اين ڊي ايم اي چيئرمين، وفاقي فلڊ ڪميشن جي چيئرمين، ارسا چيئرمين، آبي وسيلن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام، ورلڊ بئنڪ، واٽر ايڊ، يونيسيف ۽ آءِ ڊبليو ايم آءِ جي نمائندن شرڪت ڪئي.