ڪراچي- 19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي انسانيت جي ڏهاڙي جي موقعي تي انسانيت جي خدمت ڪندڙن ۽ امدادي ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت، حفاظت ۽ ڏکئي وقت ۾ متاثر ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ڌرتي هميشه محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير پاران عالمي انسانيت جي ڏهاڙي جي موقعي تي انسانيت جي خدمت ڪندڙن ۽ امدادي ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي- 19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي انسانيت جي ڏهاڙي جي موقعي تي انسانيت جي خدمت ڪندڙن ۽ امدادي ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت، حفاظت ۽ ڏکئي وقت ۾ متاثر ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ڌرتي هميشه محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي جي روايتن جي امين رهي آهي. سنڌي قوم هميشه مصيبت ۾ گهِريل انسانن جو ساٿ ڏنو آهي، جيڪي سنڌ جا عظيم صوفي ۽ انساني قدر آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌين جي سڃاڻپ محبت، مهمان نوازي، رواداري ۽ انسانيت سان جُڙيل آهي، جڏهن ته عالمي انسانيت جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر انساني جان قيمتي آهي ۽ هر انسان عزت ۽ تحفظ جو حقدار آهي. هن چيو ته جنگين ۽ بحرانن دوران عام شهرين، طبي عملي ۽ امدادي ڪارڪنن جو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي. امدادي ڪارڪن انسانيت جا سفير آهن ۽ انهن تي حملا عالمي قانونن ۽ انساني قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت انساني همدردي، فلاحي ڪمن ۽ ضرورت مندن جي مدد جي اصولن تي يقين رکي ٿي. سنڌ جي صوفي روايت محبت، امن، برداشت ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. سيد مراد علي شاهه عالمي انسانيت جي ڏهاڙي تي سمورن امدادي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪندي چيو ته اهي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ انسانيت جي خدمت ۾ مصروف آهن. هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جو عوام امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام سڄي دنيا ۾ عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. اچو ته عهد ڪريون ته هڪ ٻئي جي حفاظت، عزت ۽ مدد کي انسانيت جي سڀ کان وڏي ترجيح بڻائينداسين.











