اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته نوجوانن کي معياري تعليم، جديد مهارت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان کي پُرڪشش سيڙپڪاري منزل بنائڻ لاءِ امن، استحڪام ۽ دوستاڻا عالمي ناتا اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن عالمي تعليمي سربراهي اجلاس ۽ نمائش ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا تيزيءَ …
نوجوانن کي معياري تعليم، جديد مهارت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان کي پُرڪشش سيڙپڪاري منزل بنائڻ لاءِ امن، استحڪام ۽ دوستاڻا عالمي ناتا اڻٽر آهن: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته نوجوانن کي معياري تعليم، جديد مهارت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان کي پُرڪشش سيڙپڪاري منزل بنائڻ لاءِ امن، استحڪام ۽ دوستاڻا عالمي ناتا اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن عالمي تعليمي سربراهي اجلاس ۽ نمائش ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ مصنوعي ذهانت، ڊجيٽلائزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي عالمي معيشتن جو رُخ طئي ڪري رهي آهي، ان ۾ پاڪستان جي تعليم نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ شاگردن کي عملي، فني ۽ ڊجيٽل مهارتن ۾ تيار ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر ٻار تائين معياري تعليم جي پهچ يقيني بنائڻ لاءِ وڌيڪ وسيلا ۽ توانائي صَرف ڪرڻي پوندي، تعليم کي فقط ڊگري حاصل ڪرڻ تائين محدود رکڻ بدران ان کي روزگار، جدت، ڪاروبار ۽ معاشي ترقيءَ سان جوڙڻو پوندو ته جيئن نوجوان ملڪي معيشت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن. قيصر احمد شيخ چيو ته او آءِ سي ملڪن ۾ نوجوانن جي تعليم ايندڙ سالن ۾ اٽڪل 42 ڪروڙ 70 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي، اهي نوجوان مسلم دنيا لاءِ وڏو اثاثو آهن، جيڪڏهن کين معياري تعليم، جديد هنر ۽ روزگار جا مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو معاشي ترقي، جدت ۽ خوشحاليءَ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن نوجوانن ۾ قومي اتفاق راءِ، برداشت، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته مضبوط معاشرو صرف معاشي ترقيءَ سان نه پر تعليم، برداشت ۽ گڏيل قومي مقصدن ذريعي جوڙي سگهجي ٿو. هن چين جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ تعليم، ترقي ۽ قومي اتفاق راءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان به پنهنجي انساني وسيلن، نوجوان آبادي ۽ جاگرافيائي ۽ معاشي امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻي ترقيءَ جون نيون راهون کولي سگهي ٿو. وفاقي وزير نوجوانن تي زور ڀريو ته هو دنيا جي بدلجندڙ گهُرجن کي سمجهن ۽ جديد مهارتون حاصل ڪن. هن نوجوان نسل کي پيغام ڏنو ته مهارتون پيدا ڪريو، اتفاق راءِ اختيار ڪريو ۽ ثابت قدميءَ کي مضبوط بڻايو ڇاڪاڻ ته اهي ئي عنصر کين ڪاميابيءَ طرف وٺي وڃڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.











