اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته “گوگل” نوجوانن جي مهارتن ۾ اضافي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سرگرمين کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گوگل جي وفد اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. 9 رڪني وفد جي قيادت گورنمينٽ افيئرز …
وزيراعظم پاران آءِ ٽي انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ، اميد آهي “گوگل” نوجوانن جي مهارتن ۾ اضافي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سرگرمين کي وڌيڪ سگهه ڏيندو: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته “گوگل” نوجوانن جي مهارتن ۾ اضافي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سرگرمين کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گوگل جي وفد اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. 9 رڪني وفد جي قيادت گورنمينٽ افيئرز اينڊ پبلڪ پاليسي جو نائب صدر ولسن وائٽ ڪري رهيو هو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نٽالي بيڪر پڻ وفد سان گڏ هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ حڪومتي معاملن ۽ معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن سميت وڏي پئماني تي ڊيجيٽل تبديلي جو عمل جاري آهي. هن وفد کي حڪومت جي “ڊيجيٽل نيشن پاڪستان” جي ويزن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته قومي ڊيجيٽل ايڪو سسٽم جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي عملدرآمد جو ڪم حتمي مرحلن ۾ آهي. وزيراعظم آءِ ٽي انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي تربيت ڏيڻ جي جاري پروگرامن بابت وفد کي بريفنگ ڏني. هن انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گوگل جهڙي عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپني سان حصيداري عمل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۾ آفيس کولڻ جي گوگل جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان ڪمپني سان ملڪ جي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. هن پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت کي اڳتي وڌائڻ ۾ گوگل جي ڪردار کي ساراهيو ۽ انهن قدمن جي واکاڻ ڪئي جن جي ڪري هزارين پاڪستاني نوجوانن کي باعزت روزگار جا موقعا مليا. ڊيجيٽل شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته گوگل نوجوانن جي مهارتن ۾ اضافي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سرگرمين کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي جڏهن ته پاڪستان ۾ گوگل جي موجودگي قائم ٿي چڪي آهي، گهرا اثر رکندڙ پروگرامن کي وڌيڪ وسيع پئماني تي هلائي سگهجي ٿو. ولسن وائٽ وزيراعظم کي گوگل جي مستقبل جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته مقامي آفيس پاڪستان ۾ ڊيجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گوگل جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيندي ۽ موجوده حصيداري کي بنياد بڻائيندي پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ ڊگهي مدي وارا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ مقامي ڪاروبارن کي عالمي سطح تي وٺي وڃڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. مقامي حصيدارن سان گڏ گوگل پاران قائم ڪيل ڪروم بڪ اسيمبلي لائين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ولسن وائٽ چيو ته پاڪستان ۾ اسيمبل ٿيندڙ ڪروم بڪس کي خطي جي ٻين ملڪن ۾ برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گوگل پاڪستان جي نوجوان آباديءَ جي بي پناهه صلاحيتن جو اعتراف ڪري ٿو ۽ آءِ ٽي، اي آءِ، گيمنگ ۽ ٻين شعبن ۾ مهارت وڌائڻ جي پروگرامن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم، ولسن وائٽ، آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر ۽ ٻين معززين گڏيل طور تي پاڪستان ۾ گوگل جي آفيس جي افتتاح جي موقعي تي هڪ تختي جي رونمائي ڪئي.










