شهيد ميجر احسان جو عزم ۽ جذبو ئي قوم جي اصل طاقت آهي: گهرو وزير محسن نقوي

ميانوالي-18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اُتر وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت جو رتبو ماڻيندڙ ميجر احسان جي گهر پهتو ۽ سندس وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب گهرو وزير ميانوالي ۾ شهيد جي گهر وڃي سندس درجن جي بلنديءَ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيد جي والد سان ملاقات ڪري …

ميانوالي-18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اُتر وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت جو رتبو ماڻيندڙ ميجر احسان جي گهر پهتو ۽ سندس وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب گهرو وزير ميانوالي ۾ شهيد جي گهر وڃي سندس درجن جي بلنديءَ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيد جي والد سان ملاقات ڪري سندس بلند حوصلي ۽ حب الوطني جي بي مثال جذبي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. محسن نقوي شهيد جي ٻارن سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ کين ڀاڪر پائي تسلي ڏني. ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي گهرو وزير مادرِ وطن جي دفاع لاءِ ڏنل قربانين کي ساراهيندي چيو ته ميجر احسان جو عزم ۽ جذبو ئي اسان جي قوم جي اصل طاقت آهي، شهيد ميجر احسان سميت اسان جي سمورن شهيدن جي رت جو هڪ هڪ ڦڙو هن وطن جي تحفظ ۽ بقا جي ضمانت آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ خاطر جان قربان ڪندڙ شهيد ميجر احسان هميشه اسان جي دلين ۽ تاريخ ۾ زندهه رهندو.

مزید خبریں