اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ ۽ جعلي شناختي ڪارڊ بنائڻ ۾ ملوث نادرا آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍي سندن مٿان ڪرمنل ڪيسز ڪيا ويا آهن، صرف سعودي عرب ۾ 5 هزار افغان پناهگيرن جعلي پاڪستاني پاسپورٽ سرنڊر ڪيا آهن، جيڪي ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا. هو اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اسيمبلي …
دهشتگرديءَ خلاف سيڪيورٽي فورسز پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ ۽ جعلي شناختي ڪارڊ بنائڻ ۾ ملوث نادرا آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍي سندن مٿان ڪرمنل ڪيسز ڪيا ويا آهن، صرف سعودي عرب ۾ 5 هزار افغان پناهگيرن جعلي پاڪستاني پاسپورٽ سرنڊر ڪيا آهن، جيڪي ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا. هو اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اسيمبلي ميمبرن جي اعتراض وارن نُڪتن تي جواب ڏئي رهيو هو. مخالف ڌر کي دهشتگردي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي کُليل بحث جي دعوت ڏيندي سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي پر جيستائين سموريون سياسي قوتون هڪ بيانيي تي متحد نه ٿينديون، اها جنگ جلد نٿي کٽي سگهجي، جڏهن ته سڀ کان وڏي مخالف ڌُر (پي ٽي آءِ) سيڪيورٽيءَ جي اهم اجلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ٿي. مخالف ڌر اڳواڻ طرفان دهشتگرديءَ تي بحث جي مطالبي تي مملڪتي وزير چيو ته هو پهرين به 2 ڀيرا آڇ ڪري چڪا آهن ته گهرو وزارت، ايڪشن پلان ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي جيترا ڏينهن چاهيو بحث ڪريو. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن به اِن ڪئميرا/وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ سيڪيورٽي تي بريفنگ ٿئي ٿي ته مخالف ڌر عام طور تي بائيڪاٽ ڪري ڇڏي ٿي. طلال چوڌري واضح ڪيو ته نيشنل ايڪشن پلان پي ٽي آءِ باني جي حڪومتي دؤر ۾ سمورين پارٽين جي اتفاق راءِ سان بڻيو هو ۽ ان تي عملدرآمد وفاق سان گڏوگڏ صوبن جي به ذميداري آهي. بلوچستان جي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي تاثر کي رد ڪندي هن چيو ته ڪارڊز صوبي جي بنياد تي پر خاص ڪارڻن ۽ شڪي ڪوائف تي روڪيا ويندا آهن. هن ٻُڌايو ته افغان پناهگيرن مبينه طور تي فيملي ٽري ۾ داخل ٿي ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرايا. ان غير قانوني ڪم ۾ ملوث نادرا آفيسرن کي نوڪريءَ مان ڪڍي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. صرف سعودي عرب جو مثال ڏيندي هن انڪشاف ڪيو ته اتي 5 هزار افغان پناهگيرن پاڪستاني پاسپورٽ سرنڊر ڪيا، جيڪي انهن جعلي طريقي سان ٺهرايا آهن. اهي ماڻهو اتي پِنڻ يا ٻين ڏوهن ۾ ملوث ڏٺا ويا آهن، جنهن سان پاڪستان جو ويزا ۽ پاسپورٽ بدنام ٿئي ٿو. ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان پاسپورٽ روڪڻ جي شڪايت تي طلال چوڌري ترديد ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن صوبي يا علائقي سان گڏ ڪو اڻبرابريءَ وارو سلوڪ ناهي ٿي رهيو. پاسپورٽ بڻجڻ جو وقت جيڪو پهرين 6 مهينا هو، ان کي گهٽ ڪيو ويو آهي، آن لائن اپلاءِ ڪرڻ جي سهولت متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ پاسپورٽ جي سيڪيورٽي فيچرز کي بهتر ڪيو ويو آهي. گذريل هڪ مهيني دوران ايف آءِ اي عوام کان پئسا ڦريندڙ 100 کان وڌيڪ ايجنٽن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ملوث آفيسرن کي به ناهي بخشيو ويو. مملڪتي وزير اسيمبلي ميمبرن کي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي يا پاسپورٽ آفيس ۾ عوام کي ڄاڻي واڻي تنگ ڪرڻ يا اڻبرابري سلوڪ جي ڪا خاص شڪايت آهي ته هو ثبوت سان اچن، انهن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.










