عدالتي فيصلن جو احترام ۽ انهن تي عملدرآمد ضروري آهي، قانوني خدشا لاڳاپيل فورمز تي اٿاريا ويندا: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري عدالتي فيصلن جي احترام ۽ انهن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فيصلي سان پيدا ٿيندڙ سمورن قانوني نقطن تي فوري طور تي لاڳاپيل فورمز جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي قائد ۽ منهنجي پارٽي جي قيادت سدائين عدالتي فيصلن …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري عدالتي فيصلن جي احترام ۽ انهن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فيصلي سان پيدا ٿيندڙ سمورن قانوني نقطن تي فوري طور تي لاڳاپيل فورمز جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي قائد ۽ منهنجي پارٽي جي قيادت سدائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ اسان هر فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا. هن واضح ڪيو ته عدالتي فيصلي بابت ڪي به خدشا يا شڪايتون هجن ته انهن کي قانون موجب لاڳاپيل فورم تي اٿاريو ويندو ۽ معاملي کي قانوني گهرجن تحت ئي اڳتي وڌايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته عدالتون آئين ۽ قانون موجب مڪمل آزادي ۽ خودمختياري سان فيصلا ڪري رهيون آهن ۽ عدليه جي اهڙي خودمختياري ويجهي ماضي ۾ گهٽ ئي ڏسڻ جي لاءِ ملي آهي.

مزید خبریں