اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پبلڪ پروڪيورمينٽ جي موجوده قانوني فريم ورڪ ۾ وڌيڪ وضاحت، شفافيت، ذميداري ۽ مؤثر طريقيڪار جي ضرورت آهي، جڏهن ته سرڪاري خريداريءَ جي عمل ۾ شفافيت ۽ اداري جاتي آزاديءَ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن تصفيه قانون سازي ڪيسن (سي سي ايل سي) بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جي اجلاس …
پبلڪ پروڪيورمينٽ جي نظام ۾ شفافيت، ذميداري ۽ اداره جاتي آزادي يقيني بڻائڻ ضروري آهي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پبلڪ پروڪيورمينٽ جي موجوده قانوني فريم ورڪ ۾ وڌيڪ وضاحت، شفافيت، ذميداري ۽ مؤثر طريقيڪار جي ضرورت آهي، جڏهن ته سرڪاري خريداريءَ جي عمل ۾ شفافيت ۽ اداري جاتي آزاديءَ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن تصفيه قانون سازي ڪيسن (سي سي ايل سي) بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پي پي آر اي) آرڊيننس 2002ع ۾ ڄاڻايل تجويزن ۽ نئين پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز 2025ع جي مسودي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قانون ۽ انصاف واري وزارت موجب اجلاس ۾ نيشنل ٽيرف ڪميشن ايڪٽ 2015ع ۽ سيف گارڊ قدم آرڊيننس 2002ع ۾ ڄاڻايل ترجميمن جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري بابت نظرثاني ٿيل قاعدن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪميٽيءَ سرڪاري عهدن تي مقرري ۽ ٻيهر مقرريءَ جي عمل ۾ ميرٽ ۽ شفافيت يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ متبادل دوائن ۽ هيلٿ پروڊڪٽس رولز 2026ع جي مسودي جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ متبادل دوائن ۽ هيلٿ پروڊڪش لاءِ جامع لائسنسنگ ۽ رجسٽريشن نظام متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. بائيو اسٽڊي رولز 2017ع ۾ ڄاڻايل ترميمن بابت معاملا به غور هيٺ آيا. ڪميٽيءَ پبلڪ پروڪيورمينٽ جي قانوني ۽ اداره جاتي نظام ۾ شفافيت، ذميداري ۽ مؤثر نگراني وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي تفصيلي غور ڪيو. پبلڪ پروڪيورمينٽ بابت شڪايتن جي آزاداڻي ازالي ۽ ٿرڊ پارٽي جائزي ۽ نگراني جو مؤثر نظام قائم ڪرڻ جي تجويز به بحث هيٺ آئي. اجلاس ۾ پبلڪ پروڪيورمينٽ جي عمل ۾ مفادن جي ٽڪراءُ جي خاتمي ۽ اداره جاتي آزادي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن تي به غور ڪيو ويو. پي پي آر اي جي ڪردار ۽ اختيارن کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ ۽ مرڪزي اِي پرڪيورمينٽ پليٽ فارمز کي هٿي ڏيڻ جي تجويز به غور هيٺ آئي. وفاقي وزير چيو ته پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ شڪايتن جي آزاداڻي ازالي ۽ مفادن جي ٽڪراءُ کان بچاءُ جو مؤثر نظام ضروري آهي. هن چيو ته پبلڪ پروڪيورمينٽ سڌارن سان سرڪاري خريداري جي نظام ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي.










