وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ گوگل جي مقامي آفيس قائم ڪرڻ جي آجيان، پاڪستان ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي عمل مان گذري رهيو آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهون ٿا: محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ گوگل جي مقامي آفيس قائم ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي عمل مان گذري رهيو آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهون ٿا. هو اڱاري ڏينهن هتي گوگل جي مقامي آفيس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ گوگل جي مقامي آفيس قائم ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي عمل مان گذري رهيو آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهون ٿا. هو اڱاري ڏينهن هتي گوگل جي مقامي آفيس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر، گوگل جو نائب صدر ولسن ايل وائٽ ۽ اعلى سرڪاري عملدار موجود هئا. وزيراعظم گوگل جي ٽيم جي آجيان ڪندي چيو ته گوگل جو نالو سڄي دنيا ۾ مڃيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، هي گوگل جي ٽيم جو پهريون پاڪستان جو دورو آهي، پاڪستان ۾ گوگل جي لاءِ وڏا موقعا موجود آهن، هي هڪ ڊگهي سفر جي شروعات آهي، گوگل آفيس قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت هئي، اميد ڪريون ٿا ته اسان جي حصيداري وڌيڪ وڌندي. هن چيو ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. وزيراعظم گوگل جي وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته گوگل جي ٽيم اهڙي وقت ۾ پاڪستان آئي آهي جڏهن ملڪ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي عمل مان گذري رهيو آهي، ڪيترن ئي حڪومتي ۽ سرڪاري شعبن ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ٿي رهي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي گوگل جي مقامي آفيس جو افتتاح ڪيو. گوگل جي نائب صدر ولسن ايل وائٽ ملاقات تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته پاڪستان اچڻ ۽ هتي ڪم ڪرڻ گوگل جي لاءِ اعزاز آهي. هن حڪومت جي 30 ارب ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپار جي هدف جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو گوگل جي ويزن سان هم آهنگ آهي، گذريل 10 سالن ۾ گوگل پاڪستان ۾ 3.9 ٽريلين رپين جي اڪنامڪ ايڪٽويٽي ڪئي آهي جنهن سان 960 هزار نوڪريون پيدا ٿيون آهن، گوگل جي مقامي آفيس قائم ڪرڻ سان پاڪستان ۾ نوڪرين جا موقعا پيد اٿيندا. هن پاڪستان سان ڊگهي مدي واري حصيداري جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وزيراعظم کي گوگل جي هدفن ۽ مقصدن کان پڻ آگاهه ڪيو.

مزید خبریں