اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو مڪمل احترام ڪري ٿي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو. اڱاري ڏينهن پارليامنٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضيءَ ۾ به سمورن سياسي اڳواڻن کي انهي عدالتن مان رليف ۽ انصاف مليو آهي. هن واضح …
حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪندي، ڪنهن جي بيماري تي سياست نه ڪنداسين: کيئل داس ڪوهستاني

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو مڪمل احترام ڪري ٿي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو. اڱاري ڏينهن پارليامنٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضيءَ ۾ به سمورن سياسي اڳواڻن کي انهي عدالتن مان رليف ۽ انصاف مليو آهي. هن واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو هڪ خالص قانوني ۽ عدالتي معاملو آهي جيڪو ميرٽ جي بنياد تي سامهون آيو آهي. تفصيلي فيصلو جاري ٿيڻ کانپوءِ ان تي وڌيڪ جامع ڳالهيون ڪيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪنهن جا جاني دشمن نه آهيون، جيڪڏهن ماضي ۾ مخالفن اسان جي اڳواڻن جي بيمارين جو مذاق اڏايو هو، پر اسان اهڙي ناڪاري سياست تي يقين نه رکيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن واضح طور چيو ته حڪومت عدالتي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جي پابند آهي ۽ ان حساس معاملي تي ڪا به سياست نه ڪئي ويندي.










