نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي درآمد بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن ڪڻڪ جي درآمد بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ضرورتن جو جائزو ورتو جيڪي سمورن صوبن پاران فراهم ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) کي هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن ڪڻڪ جي درآمد بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ضرورتن جو جائزو ورتو جيڪي سمورن صوبن پاران فراهم ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) کي هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي لاءِ ضروري تياريون شروع ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته حڪومت ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي ضروري  شين جي مناسب فراهمي ۽ قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي معاونت جاري رکندي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي درآمد جو پورو عمل مڪمل شفافيت سان ۽ سمورن صوبن سان ويجهي رابطي ۽ مشاورت سان مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي واري ڪوآرڊينيٽر، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ واپار واري وزارت جي سيڪريٽرين سميت پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں