اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف قومي اسيمبليءَ کي آگاهه ڪيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ ويزا مسئلن ۽ بيدخلي کي منهن ڏيندڙ 80 کان 90 سيڪڙو ماڻهو اهي آهن جن ميزبان ملڪ جي مفادن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي واضح طور تي ڌُر بڻجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي …
يو اي اي ۾ ويزا مسئلن ۽ بيدخليءَ جا شڪار ماڻهو ميزبان ملڪ خلاف سرگرمين ۾ ملوث هئا: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف قومي اسيمبليءَ کي آگاهه ڪيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ ويزا مسئلن ۽ بيدخلي کي منهن ڏيندڙ 80 کان 90 سيڪڙو ماڻهو اهي آهن جن ميزبان ملڪ جي مفادن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي واضح طور تي ڌُر بڻجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جي اُٿاريل نُڪتي جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته هو پاڻ اٽڪل 13 کان 14 سال يو اي اي ۾ رهي چڪو آهي ۽ ان صورتحال کان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ٻنهي حوالي سان بخوبي آگاهه آهي. هن واضح ڪيو ته جنهن ملڪ ۾ ڪو شهري رهندڙ آهي اهو ان ئي ملڪ جي مفادن خلاف ڪنهن تڪرار يا معاملي ۾ باقاعده ڌُر بڻجندو ته لاڳاپيل رياست کي پنهنجي قانون تحت جوابي ڪارروائي ۽ قدم کڻڻ جو پورو حق حاصل هوندو آهي. لاڳاپيل معاهدي ۽ يو اي اي جي مجموعي صورتحال تي ايوان کي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جي حوالي سان هن چيو ته هو ان معاملي تي ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ مڪمل تيار آهي. هن چيو ته معاهدي جا جيڪي تفصيل پبلڪ ڪري سگهجن اهي ايوان آڏو رکيا ويندا، جڏهن ته حساس معاملن تي بند ڪمري (اِن ڪئميرا) بريفنگ به ڏئي سگهجي ٿي. وفاقي وزير لاڳاپيل وزارتن کان مڪمل تفصيل حاصل ڪري ايوان کي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ لاءِ هڪ ڏينهن جو وقت گهريو.










