سينيٽ چيئرمين سان فيصل زاهد ملڪ جي ملاقات

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان آبزرور جي چيئرمين ۽ ايڊيٽر اِن چيف فيصل زاهد ملڪ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين، فيصل زاهد ملڪ کي تمغهءِ امتياز جي اعزاز جي اعلان تي مبارڪون پيش ڪيون. هن اعليٰ صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ ملندڙ ان قومي اعزاز تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ صحافت ۽ …

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان آبزرور جي چيئرمين ۽ ايڊيٽر اِن چيف فيصل زاهد ملڪ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين، فيصل زاهد ملڪ کي تمغهءِ امتياز جي اعزاز جي اعلان تي مبارڪون پيش ڪيون. هن اعليٰ صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ ملندڙ ان قومي اعزاز تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ صحافت ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ فيصل زاهد ملڪ جي ڊگهي ۽ نمايان خدمتن کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ صحافت ۽ ميڊيا جي موجوده صورتحال، ميڊيا کي درپيش چئلينجز ۽ ذميداراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته آزاد، ذميداراڻي۽ متحرڪ ميڊيا جمهوري قدرن ۽ پارلياماني ادارن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان موقعي تي سينيٽر الحاج محمد عمر گورگيج، قومي اسيمبلي ميمبر موسيٰ گيلاني ۽ سعود فيصل ملڪ، ڊپٽي چيف ايڊيٽر ۽ چيف آف ڊجيٽل پاڪستان آبزرور پڻ موجود هئا.

مزید خبریں