سينيٽ چيئرمين سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر جي ملاقات

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر عمران نديم شگري پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، علائقائي اڳڀرائي، گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل اسميبلي ۽ خطي کي درپيش اهم مسئلن ۽ معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين، عمران نديم شگري کي گلگت بلتستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجڻ …

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر عمران نديم شگري پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، علائقائي اڳڀرائي، گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل اسميبلي ۽ خطي کي درپيش اهم مسئلن ۽ معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين، عمران نديم شگري کي گلگت بلتستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجڻ تي واڌايون پيش ڪيون ۽ سندس سميت گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي سمورن نَون چونڊيل ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پ پ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ پ پ عوامي خدمت، جمهوري قدرن ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود جي سياست تي يقين رکي ٿي. اسپيڪر عمران نديم شگري، سينيٽ چيئرمين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي خاطري ڪرائي ته گلگت بلتستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحاليءَ لاءِ درپيش مسئلن جي حل ۾ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ضروري قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں