اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ فضائي گدلاڻ جي بگڙجندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري، مربوط ۽ پيمائش جوڳا قدم اڻٽر آهن، ٻي صورت ۾ صحت، ماحول ۽ معاشي سرگرمين تي ان جا اثر وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا، صاف هوا فقط ماحولياتي ضرورت ناهي پر هر شهريءَ جو بنيادي حق، صحت …
پاڪستان ۾ فضائي گدلاڻ جي بگڙجندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري، مربوط ۽ پيمائش جوڳا قدم اڻٽر آهن: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ فضائي گدلاڻ جي بگڙجندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري، مربوط ۽ پيمائش جوڳا قدم اڻٽر آهن، ٻي صورت ۾ صحت، ماحول ۽ معاشي سرگرمين تي ان جا اثر وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا، صاف هوا فقط ماحولياتي ضرورت ناهي پر هر شهريءَ جو بنيادي حق، صحت ۽ باوقار زندگي جا لازمي شرط آهن. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ پاڪستان نيشنل ڪلين ايئر پاليسي لاڳو ڪرڻ لاءِ ايڪشن پلان جي تياري جي سلسلي ۾ 3 ڏينهن واري اسٽيڪ هولڊرز ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ جو بندوبست موسمياتي تبديلي واري وزارت، پاڪستان انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان ڪيو ويو، جيڪو 20 آگسٽ تائين جاري رهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي پاليسي واعدن کان اڳتي وڌندڙ نيشنل ڪلين ايئر پاليسيءَ کي واضح، وقت جو پابند ۽ عمل جوڳي ايڪشن پلان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. فضائي معيار ثانوي ماحولياتي مسئلو ناهي پر انساني بقا ۽ وقار جا بنيادي اهڃاڻ طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته فضائي گدلاڻ دنيا جي سنگين ترين ماحولياتي ۽ صحت جي چئلينجز ۾ شامل ٿي چڪي آهي. صحت جي عالمي اداري موجب دنيا جي 99 سيڪڙو آبادي اهڙن علائقن ۾ رهي ٿي جتي فضائي گدلاڻ جي سطح تجويز ڪيل حدن کان وڌي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي به ان حوالي سان سنگين صورتحال درپيش آهي خاص ڪري پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ هر سال سياري جي موسم دوران سموگ جو مسئلو شدت اختيار ڪري وڃي ٿو. عالمي بئنڪ جي تجزيي جو حوالي ڏيندي هن ٻُڌايو ته پنجاب ۾ پي ايم 2.5 جي سراسر نمائش اٽڪل 52 مائيڪرو گرام في چورس ميٽر آهي، جيڪا صحت جي عالمي اداري جي تجويز ڪيل حد کان ڏهوڻ تي وڌيڪ آهي جڏهن ته وچ لاهور ۾ سالياني سراسر 110 کان 130 آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل ماحولياتي قانونسازي ۽ فضائي معيار بابت قدمن کان پوءِ 2023ع ۾ پهريون ڀيرو باقاعده نيشنل ڪلين ايئر پاليسي منظور ڪئي. 2022ع ۾ ترقياتي ڀائيوارن جي سهڪار سان تيار ڪيل ملڪ جي پهرين نيشنل ايئر پوليوٽنٽ ايميشن انوينٽري پاليسيءَ جي جوڙجڪ لاءِ اهم شاهديون فراهم ڪيون. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته موجوده ورڪشاپ ذريعي ملڪ ۾ فضائي معيار جي انتظام جي موجوده نظام جو جائزو، عملدرآمد ۾ موجود خال جي نشاندهي، قدمن جو تعين ۽ اداره جاتي ذميدارين، مالي وسيلن ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي واضح ڪيو ويندو.











