ريلوي واري وفاقي وزير سان سردار ياسر الياس خان جي ملاقات

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ، ريلوي ۽ سياحتي شعبي وچ ۾ سهڪار، سياحتي هنڌن تائين سفري سهولتن جي بهتري ۽ ملڪ جي خوبصورت ۽ تاريخي هنڌن کي ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي سياحن لاءِ وڌيڪ پهچ جوڳو بڻائڻ جي معاملن …

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ، ريلوي ۽ سياحتي شعبي وچ ۾ سهڪار، سياحتي هنڌن تائين سفري سهولتن جي بهتري ۽ ملڪ جي خوبصورت ۽ تاريخي هنڌن کي ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي سياحن لاءِ وڌيڪ پهچ جوڳو بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي وسيع سياحتي امڪانن کي معاشي سرگرمي، روزگار ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ پرڪشش موقعن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ مربوط قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. 

مزید خبریں