اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو چيو آهي ته درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي اڳواٽ اطلاع جي حوالي سان ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳائڻ تي ڪم جاري آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ مختلف اعتراض وارن نُڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته ايوان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سوال اُٿاريا ويا، اها تجويز ڏني وئي ته ان حوالي سان اڳواٽ …
درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي اڳواٽ اطلاع جي حوالي سان ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳائڻ تي ڪم جاري آهي: معين وٽو

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو چيو آهي ته درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي اڳواٽ اطلاع جي حوالي سان ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳائڻ تي ڪم جاري آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ مختلف اعتراض وارن نُڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته ايوان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سوال اُٿاريا ويا، اها تجويز ڏني وئي ته ان حوالي سان اڳواٽ اطلاع جو سسٽم هئڻ گهرجي، ارلي وارننگ سسٽم تحت ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳايو پيو وڃي، جنهن سان سڌيءَ ريت اطلاع حاصل ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن جو نمائندو اين ڊي ايم اي سان روزانو جي بنياد تي رابطي ۾ هو، هاڻ به هفتي ۾ ٻه ڀيرا ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي، جتي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي. پ پ جي ميمبر شبير علي بجاراڻي چيو ته ايوان کي ٻُڌايو وڃي ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ آبي وسيلن واري وزارت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ورلڊ بئنڪ جو ڏنل فنڊ روڊن جي تعمير تي لڳائڻ جي ڳالهه ٿي آهي، ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي. سيد حسين طارق چيو ته ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ جي حوالي سان جامع لائحه عمل يا پاليسيءَ کان آگاهه ڪيو وڃي يا ان معاملي کي ڪميٽيءَ ۾ بحث هيٺ آندو وڃي. ملڪ اسد سڪندر اعتراض واريندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، ان جو نوٽيس ورتو وڃي، زرعي فيڊر تي لوڊشيڊنگ آهي صنعتي فيڊر تي ناهي. ان جي خاتمي جي خاطري ڪرائڻ باوجود اڃا تائين اهو سلسلو جاري آهي. شاهده رحماني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ اووربلنگ وڌيڪ آهي، گيس جي لوڊشيڊنگ وڌيڪ آهي، ڪوريئر ذريعي زهريلي دوائن جي سپلاءِ جو نوٽيس ورتو وڃي، ايم نائن ۽ ايم ٽين کي ٻٽو بڻايو وڃي، انهن شين سان محروميون وڌن ٿيون. خورشيد جوڻيجو چيو ته شهدادڪوٽ کان گمبٽ تائين 2022ع ۾ ٻوڏ ۾ روڊ تباهه ٿيو، ان لاءِ فنڊز به رکيا ويا جيڪي خضدار سيڪٽر ۾ منتقل ڪيا ويا، اهو معاملو ڪميٽيءَ کي اُماڻيو وڃي.











