اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2546.94 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 177955.50 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ 1.038 ارب شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي مجموعي ماليت 50.741 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري مارڪيٽ 20.199 ٽريلين رپين کان گهٽجي 19.906 ٽريلين رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ ۾ …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2546.94 پوائنٽس جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2546.94 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 177955.50 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ 1.038 ارب شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي مجموعي ماليت 50.741 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري مارڪيٽ 20.199 ٽريلين رپين کان گهٽجي 19.906 ٽريلين رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 563 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 104 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 368 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 91 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڳاڻٽي جي لحاظ سان سينر جيڪو پي ڪي 231.461 ملين شيئرز جي ڪاروبار سان سرفهرست رهيو، هيسڪول پيٽرول 50.310 ملين شيئرز ۽ سوئي سدرن گئس 45.472 ملين شيئرز سان ترتيب وار ٻي ۽ ٽئين نمبر تي رهيا. نمايان اضافو ڪندڙ شيئرز ۾ هوئسٽ پاڪستان لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 69.54 رپيا وڌي 3999.99 رپين تي بند ٿي، جڏهن ته بڪسلي پينٽس لميٽيڊ جي شيئرز 36.96 رپين جي اضافي کانپوءِ 406.60 رپين تي بند ٿيا. گهٽتائي جو شڪار شيئرز ۾ سيفائر ٽيڪسٽائل ملز لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 65.04 رپيا گهٽجي 1364.97 رپين تي بند ٿي، جڏهن ته خيرپور شگرملز لميٽيڊ جي شيئرز 56.83 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 909.48 رپين تي بند ٿيا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 899.47 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 52861.71 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 4194.95 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 250423.06 پوائنٽس تي بند ٿيو.











