اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران پاڪستان ٽيليويزن جي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته چوڌري سليم جي ڀيڻ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته چوڌري سليم جي ڀيڻ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ڀيڻ جي جدائي جو ڏک لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، الله تعالى مرحومه کي جنت ۾ الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. وفاقي وزير چيو ته چوڌري سليم ۽ سندس گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحومه کي جنت ۾ اعلى مقام ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.

مزید خبریں