هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ جو عمل تيز، اها هر پاڪستاني کي ڪرائڻي پوندي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. هر پاڪستاني کي پنهنجي اسريڪننگ ڪرائڻي پوندي. صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. مصطفيٰ ڪمال پاڻ به هيپاٽائيٽس سي …

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. هر پاڪستاني کي پنهنجي اسريڪننگ ڪرائڻي پوندي. صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. مصطفيٰ ڪمال پاڻ به هيپاٽائيٽس سي جي ٽيسٽ ڪرائي، جنهن جو نتيجو نيگيٽو آيو. هن چيو ته صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن لاءِ اسڪريننگ لازمي هوندي. ٽيسٽ نه ڪرائيندڙ ملازمن خلاف ضابطي موجب ڪارروائي ويندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسلام آباد ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ لاءِ 17 پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. نجي اسپتالن کي اسڪريننگ لاءِ ڪٽس ۽ ضروري اوزار فراهم ڪيا ويندا ته جيئن اتي به شهرين جي اسڪريننگ ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ جو دائرو پوري پاڪستان تائين وڌايو ويندو، ان سلسلي ۾ سمورن وفاقي وزارتن کي خط لکيا ويا آهن جنهن تحت وزيرن سميت سموررين وزارتن جي ملازمن جي اسڪريننگ لازمي قرار ڏني ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهو هيپاٽائيٽس سي سبب متاثر آهن اها خطرناڪ بيماري آهي جنهن جي گهڻي ڀاڱي دير سان خبر پوندي آهي ۽ وقت سر سڃاڻپ نه ٿيڻ جي صورت ۾ اها جگر جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي پروگرام تحت هيپاٽائيٽس سي جي علاج جون دوائون مفت فراهم ڪيون وينديون ۽عوام کي ان سهولت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته 12 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي هيپاٽائيٽس سي اسڪريننگ لازمي قرار ڏني ويندي. سڃاڻپ ڪارڊ جي رڪارڊ سان اسڪريننگ جي عمل کي ڳنڍڻ جو ڪم به جاري آهي. پرڏيهه سفر کان اڳ اسڪريننگ لازمي قرار ڏيڻ جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو پاڻ پنجاب جي وزيراعليٰ سان ملاقات ڪري هيپاٽائيٽس سي اسڪريننگ جي ڊيٽا ۽ صوبي ۾ جاري قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هيپاٽائيٽس سي جي مفت اسڪريننگ جي سهولت مان فائدو کنيو وڃي ۽ بيماري جي وقت سر سڃاڻپ لاءِ پنهنجي ٽيسٽ ضرور ڪرائين.

مزید خبریں