اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 33 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 32 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 31 هزار …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 33 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 32 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 31 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 55 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 55 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 29 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 66 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 41 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 74 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 37 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 93 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 39 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 12 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1212.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.060 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











