سنڌ جي گورنر سان ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري جي ملاقات

ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافو اڻٽر آهي، پاڪستان جي مصنوعات کي عالمي منڊين ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ نين واپارين منڊين تائين پهچ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ مربوط قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ سيڪريٽري ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي …

ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافو اڻٽر آهي، پاڪستان جي مصنوعات کي عالمي منڊين ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ نين واپارين منڊين تائين پهچ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ مربوط قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ سيڪريٽري ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) شير يار تاج سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي واپار ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ، نين عالمي منڊين تائين پهچ ۽ سنڌ جي صنعتي ۽ واپاري صلاحيتن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته سنڌ صنعتي، زرعي ۽ واپاري شعبن ۾ وسيع سگهه رکي ٿي، جنهن کي موثر انداز ۾ ڪتب آڻي روانگي واپار ۾ اضافو، سيڙپڪاري کي زور وٺائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن سنڌ جي مصنوعات ۽ صنعتي صلاحيتن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتن رابطن ۽ سهڪار تي زور ڀريو. ملاقات ۾ سنڌ کان روانگي واپار وڌائڻ، نين عالمي منڊين جي ڳولا، واپاري رابطن کي زور وٺائڻ ۽ ڪاروباري شعبي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سيڪريٽري ٽي ڊي اي پي شير يار تاج گورنر کي واپار ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ اداري پاران کنيل قدمن، ترجيحن ۽ مستقبل جي رٿائن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پرنسپل سيڪريٽري گورنر سيد سيف الرحمان، ڊائريڪٽر ٽي ڊي اي پي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به موجود هئا.

مزید خبریں