نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان فرانسيسي سفير نڪولس گيلي جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان فرانسيسي سفير نڪولس گيلي اڱاري ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سفير نڪلوس گيلي کي پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان فرانسيسي سفير نڪولس گيلي اڱاري ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سفير نڪلوس گيلي کي پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي اعلى سطح جي رابطن، ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت جي تسلسل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. فرانسيسي سفير پنهنجي سفارتي دور دوران تعاون ۽ معاونت فراهم ڪرڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں