وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران پيش ڪيل ٺوس توانائي پلان جي هاءِ ليول ڊيزائن (2060 – 2027ع) ۽ نيشنل اليڪٽريسٽي پلان 2027 – 2023ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران پيش ڪيل ٺوس توانائي پلان جي هاءِ ليول ڊيزائن (2060 – 2027ع) ۽ نيشنل اليڪٽريسٽي پلان 2027 – 2023ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن ترميمن تي خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي سان وڌيڪ مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم جي صدارت ۾ …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران پيش ڪيل ٺوس توانائي پلان جي هاءِ ليول ڊيزائن (2060 – 2027ع) ۽ نيشنل اليڪٽريسٽي پلان 2027 – 2023ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن ترميمن تي خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي سان وڌيڪ مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيانموجب توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران نيشنل اليڪٽريسٽي پلان 2027 – 2023ع ۾ ترميمون پيش ڪيون ويون. اهي ترميمون توانائي جي لاءِ ٺوس منصواببندي، بجلي جي پيداوار ۾ اضافي، ڏورانهن علائقن ۾ قابل تجديد ذريعن سان پيدا ڪيل بجلي جي فراهمي، بجلي جي سرحد پار واپار، پهچ نظام ۾ سگهه، ٽيرف ڊيزائن، بجلي جي بچت، سسٽم اينڊ مارڪيٽنگ آپريشنز، خطرن جي نشاندهي ۽ ان حوالي سان انتظامي معاملن، ٻارڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي صلاحيت بهتر بڻائڻ، ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ ۽ ڊيجيٽائيزيشن بابت آهن. ڪابينا ڪميٽي انهن ترميمن جي منظوري ڏيندي اها هدايت ڪئي ته انهن ترميمن جي حوالي سان خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي سان وڌيڪ مشاورت پڻڪئي وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران پيش ڪيل ٺوس توانائي پلان جي هاءِ ليول ڊيزائن (2060 – 2027) جي منظوري پڻ ڏني. ڄاڻايل توانائي پلان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کانسواءِ ٻيون ڌريون شامل هونديون. ان پلان جو مقصد انرجي سيڪيورٽي ۽ بجلي / توانائي جي شعبي ۾ معاشي چٽاڀيٽي کي يقيني بڻائڻ آهي. ان پلان تحت بجلي کي مناسب قيمتن تي صنعتي ۽ گهريلو صارفين تائين پهچائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي. وڌيڪ اهو ته گهٽ ڪاربن اخراج ڏيندڙ توانائي ۽ بجلي جي پيداوار، ماحول دوست ۽ موسمياتي تبديلين سان هڪ جهڙائي رکندڙ توانائي ذريعن کي فروغ ڏنو ويندو. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرضن جي حوالي سان مالي سال 2026 – 2025ع جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي کي پيٽروليم ڊويزن پاران گئس سيڪٽر جي مالي سال 2026 – 2025ع بابت گردشي قرضن جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي.

مزید خبریں